رحيم يارخان(ن پ ا) رحيم يار خان پوليس پاڻکي پوليس آفيسر سڏائي ڪارروايون ڪندڙ عورت کي ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي
پوليس موجب شيزا حيبب نالي عورت پوليس جي وردي پائي پاڻکي اي ايس پي سڏرائي ساٿين سميت مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري ماڻهن کي تنگ ڪندي هئي، اطلاع ملڻ تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري ورتو آهي
گرفتار عورت پنهنجو جعلي پوليس ڪارڊ به ٺهرائي رکيو هو گرفتار ڪرڻ وقت هن پاڻکي گلگت بلتستان ۾ مقرر آفيسر ظاهر ڪيو پر جاچ ڪرڻ تي سندس دعويٰ ڪوڙي نڪتي
پوليس موجب گرفتار ڪيل عورت ۽ سندس ساٿين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي