| رستم ويجهو بدفعلي بعد جوابدار سان ڪارو ڄاڻائي ماريل نوجوان جو 27ورهين بعد جرڳو، هڪ لک ڏنڊ |
رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو ڳوٺ چمن سکپور ۾ اعتماد جوڳن ذريعن موجب مقامي بااثر جي سرپرستي ھيٺ 27 ورھيه اڳ نوجوان گل حسن سان مبينا بدفعلي ڪرڻ جو جرڳو ڪيو ويو، جرڳي ۾ متاثر ڌر پاران محمد صلاح عطراڻي جتوئي ۽ بدفعلي ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل نوجوان مريد سعدخاناڻي جتوئي واري ڌر پاران احمدان سعدخاناڻي جتوئي سميت ٻنھي ڌرين جا ٻيا ماڻھو شريڪ ٿيا، جتي محمد صلاح عطراڻي جتوئي پاران بيان ڪيو ويو ته 1999 ۾ سندن نوجوان گل حسن عرف گلو پٽ چُلو عطراڻي جتوئي کي ٻڪري سان غلط عمل ڪرڻ جو الزام ڏئي پڪڙي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو ھو، جڏھن ته ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد چڱي مڙس پاران نوجوان سان بدفعلي ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل مريد سعدخاناڻي جتوئي واري ڌر تي ساک رکي، پر بدفعلي ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل ڌر چيو ته نوجوان سان بدفعلي ڪرڻ جو الزام جنھن نوجوان مريد سعدخاناڻي جتوئي تي مڙھيو ويو آهي، اھو فطري موت فوت ٿي چڪو آھي، جنھن سبب ساک کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي، جنھن بعد سرپئنچ اھا فتويٰ جاري ڪئي ته نوجوان سان بدفعلي ٿئي ته ڪارنھن جو الزام ناھي ايندو، پر زبردستي بدفعلي ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي ھيٺ آيل ڌر تي ھڪ لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو وڃي ٿو، جنھن بعد ذريعن موجب متاثر ڌر کي موقعي تي احمدان سعدخاناڻي جتوئي واري ڌر پاران پنجاھه ھزار رپيا ادا ڪيا ويا، باقي رقم ٻي قسط ۾ ڏيڻ جو طئي ڪيو ويو، جنھن ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. ذريعن موجب نوجوان کي مريد سوڌو 7 جوابدارن بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو هو جنهن بعد وارثن بدفعلي جو شڪار نوجوان گل حسن کي مريد سعدخاناڻي سان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو، الزام هيٺ آيل مريد به اڍائي سال اڳ فوت ٿي ويو هو، متاثر ڌر جو موقف هو ته نوجوان ٻڪريون چاري رهيو هو ته کيس بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو،27 ورهين کان تڪرار هلندڙ هو.