رستم ويجهو چور ڏيڍ جريب ڪڻڪ جو فصل لڻي ويا

رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حسن چنه ڀرسان ٻن ڳوٺاڻن عبدالستار مھر ۽ عبدالقيوم مھر جي زرعي زمين مان نامعلوم چور ڪڻڪ جو فصل لڻي ويا، متاثرن مطابق نامعلوم چور ٻنھي ڳوٺاڻن جو ڏيڍ جريب ڪڻڪ جو فصل لڻي ويا آھن، واردات بابت پوليس کي اطلاع ڪيو ويو پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.
 

قاتل گرفتار ڪريو: ميهڙ ۾ اڄ انڊس هاءِ وي وٽ ڌرڻي جو اعلان
 

ميھڙ (ن پ ا) 10  ڏينھن اڳ ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اسحاق ٽائون مان 13 ورھين جي معصوم نينگر مدرسي جي طالب علم دلشير ٻرڙو کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث قاتل جوابدارن جي گرفتاري، ميھڙ بي سيڪشن پوليس پاران ڪيس کي لوڙهڻ خلاف مدرسي جي پيش امام سميت طالبن ، وارثن ۽ شھري اتحاد پاران احتجاج ۽ پريس ڪانفرنس بعد اڄ اڱاري جي ڏينھن انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو، مقتول نينگر جي والد امير بخش ٻرڙو ، چاچو احمد علي ٻرڙو ، مسجد جي پيش امام صدام حسين چانڊيو پاران احتجاج ڪندي دانھيو ته ظالم جوابدارن ظلم جي انتھا ڪري معصوم نينگر کي زيادتي بعد ان کي گھٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو اسين ھڪ جوابدار کي پڪڙي پوليس بہ حوالي ڪيو ھو پر 10 ڏينھن گذرڻ باوجود ميھڙ بي سيڪشن پوليس ھن وقت تائين گرفتار جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ نه وري ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري سگھي آھي