| رستم ويجهو ڦر جا پيرا کڻندڙ ڳوٺاڻا يرغمال: ٽريڪٽر ٽرالي مالڪ اغوا |
رستم (ن پ ا) رستم ويجھو محمد آباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦوسا آباد مان ڦر ڪيل ٽريڪٽر ٽرالي واپس ڪرائڻ لاءِ پيرا کڻي ڏوھارين وٽ پھتل ڳوٺاڻن کي ھٿياربندن يرغمال ڪري ورتو، ڪجھه دير ويھارڻ کانپوءِ ٻين کي آزاد ڪري ٽريڪٽر ٽرالي جي مالڪ ماڇي خان سولنگي کي اغوا ڪيو ويو، علائقي ۾ چئوٻول آهن ته متاثرن پاران ھزارين رپيا ڀنگ ڏئي 13 ڪلاڪن بعد مغوي کي راڄوڻي ڪوشش ذريعي بازياب ڪرايو ويو، جڏھن ته ھٿياربندن ڦر ڪيل ٽريڪٽر ٽرالي واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ متاثر ٻڌايو ته غريب آھيون، ڏوھاري ڀتي لاءِ تنگ ڪري رھيا آھن، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف محمد آباغ پوليس ٻڌايو ته متاثر غريب ھجڻ ڪري ھٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ کان لنوائي رھيا آھن، ڳوٺاڻي جي اغوا ۽ بازياب ٿيڻ جا افواھ ھلي رھيا آھن، پر اھڙي وارثن پاران شڪايت نه ڪئي وئي آھي.