رستم ويجھو آپريشن، ڳوٺ تي مارٽر گولا فائر، پيرسن مارجي ويو، 7 ڄڻا زخمي

رستم ويجھو آپريشن، ڳوٺ تي مارٽر گولا فائر، پيرسن مارجي ويو، 7 ڄڻا زخمي

رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) شڪارپور جي عدالت ڀرسان 3 آگسٽ جي ڏينھن فرار ٿيل قيدي واحد علي عرف ملان تيغاڻي جي گرفتاري لاء شڪارپور پوليس پاران ڳڙهي تيغي جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويو، ذريعن موجب پوليس ڪچي جي ڳوٺ دليل تيغاڻي ۾ پھچي مارٽر گولا فائر ڪيا ته پيرسن خير بخش تيغاڻي مارجي ويو، جڏھن ته سندس ڀاءُ عبدالحق تيغاڻي سميت مختلف ھنڌن تي موجود 7 کان وڌيڪ ماڻھو مارٽر گولا ڪرڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا، ھوڏانھن شڪارپور پوليس پاران مارٽر گولا لڳڻ ڪري پيرسن مارجي وڃڻ جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي، پوليس موجب ڳڙھي تيغي جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويو پر جوابدار فرار ٿي ويا، جنھن بنا گرفتاري جي واپسي ڪئي وئي. ٻي طرف  علائقي  ۾ چوٻول آھن ته مارجي ويل پيرسن ڳوٺ جو چڱو مڙس ھيو، جڏھن ته سندس تيغي تيغاڻي سان گڏ نڪتل تصوير به وائرل ڪئي وئي. ذريعن موجب مارجي ويل پيرسن جي ٻئي زخمي ڀاءُ عبدالحق تيغاڻي کي پوليس پاران راڄوڻي ڪوشش ذريعي تحويل ۾ وٺي علاج لاء سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو.