رستم ويجھو ارڙيءَ وگھي معصوم ٻارڙي فوت، 5 ٻارڙا متاثر

رستم ويجھو ارڙيءَ وگھي معصوم ٻارڙي فوت، 5 ٻارڙا متاثر

رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو ڳوٺ جمعو مھر ۾ 5 سالا ٻارڙي سيما ڌيء بلاول مھر وارثن مطابقارڙي وگھي فوت ٿي وئي، جڏھن تہ ساڳئي متاثر ڳوٺ ۾ وڌيڪ بہ 4-5 ٻارڙا موذي مرض ۾ ورتل آھن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن مالڪ مھر، بلاول مھر ۽ ٻين ٻڌايو ته قبائلي جھيڙي سبب ارڙي ۾ مبتلا ٿيل ٻارڙي کي اسپتال اماڻڻ ۾ رڪاوٽ پيش آئي، جنھن ڪري ھن دم ڏنو، جڏھن تہ وڌيڪ بہ 4-5 ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڌيڪ ٻارڙن جون زندگيون بچايون وڃن، جڏھن تہ ارڙي وگھي فوت ٿيل ٻارڙي جو به ازالو ڪرائي ڏنو وڃي.