| رستم ويجھو تڪرار جي آڙ ۾ نوجوان اغوا، ڳوٺاڻن بچائي ورتو |
رستم (رپورٽ:طيب جتوئي) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ جامي قبو ڀرسان جتوئي-مھر تڪرار تان ھٿياربندن پاران لکي غلام شاھ واسي پورھيت غلام حيدر مھر کي اغوا ڪيو ويو، پورھيت جي اغوا ٿيڻ جي اطلاع تي علائقي واسين پاڪ ڪتاب کڻي پورھيت کي آزاد ڪرائي ورتو، نوجوان کي آزاد ڪرائڻ بعد کيس حد جي پوليس حوالي ڪيو ويو، جتي پورھيت ٻڌايو ته سندس تڪرار سان تعلق ناھي، ھو لکي غلام شاھ کان ڳوٺن م وڃي ڪٻاڙ جو سامان خريد ڪندو آھي، ھن وڌيڪ چيو ته کيس قتل ڪرڻ لاءِ اغوا ڪيو ويو. ڳوٺاڻن بچائي ورتو آھي.