رستم ويجھو جتوئي ڌرين ۾ تڪرار جو نبيرو:  4 خون ثابت: 2 ڪروڙ 6 لک ڏنڊ

رستم ويجھو جتوئي ڌرين ۾ تڪرار جو نبيرو:  4 خون ثابت: 2 ڪروڙ 6 لک ڏنڊ

چڪ/رستم(نمائندن وٽان) رستم ويجھو ڳوٺ نپيئر آباد ۾ ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي پاران ڪريمڻ ڪرسي جتوئي ۽ غلام نبي ڪرسي جتوئي جي ڌرين وچ ۾ ھلندڙ تڪرار جو نبيرو ڪيو ويو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جي چڱن مڙسن غلام نبي ۽ ڪريمڻ ڪرسي جتوئي پاران ڳالھيون ڪيون ويون، جيڪي امين پاران ٻڌڻ بعد ٻنھي ڌرين جا 2-2 خون ۽ ھڪ غلام نبي ڪرسي جي ڌر جي مھمان سميت 3-3 زخمي به ثابت ڪيا، جڏھن ته ڌرين چئني مقتولن بابت ٻڌايو ته جھيڙي دوران پھريان زخمي ٿيا اسپتالن ۾ ھنن دم ڏنو ھو، جنھن بعد ٻنھي ڌرين جي چڱن مڙسن مطابق سرپئنچ پاران في خون 25 لک رپين جي حساب سان 6 ئي زخمين توڙي اسپتالن کي خرچن سميت رقم گڏ ڪري ڪريمڻ ڪرسي جتوئي جي ڌر تي 96 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو، جڏھن ته غلام نبي ڪرسي جتوئي واري ڌر تي ھڪ ڪروڙ 10 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، جنھن بعد ٻنھي ڌرين پاران سرپئنچي ڪندڙ امين جي ئي آڏو مقرر ٿيل ڏنڊ جي رقم برابر ڪري وڌيڪ 14 لک رپيا غلام نبي ڪرسي جتوئي واري ڌر تي ظاھر ڪيا، جيڪا رقم ڌرين جي ماڻھن مطابق ٽن قسطن ۾ ڏيڻ جي فتويٰ به ٻڌائي وئي ۽ تڪراري زمين غلام نبي ڪرسي جتوئي جي ثابت ڪئي وئي جنھن بعد ٻنھي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. ياد رھي ته ڪجھه وقت اڳ چڪ جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار ٿي پيو ھو، جنھن ۾ چار قتل 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا.