| رستم ويجھو دوداڻي گينگ خلاف آپريشن، مارٽر گولا فائر |
رستم(ن پ ا) رستم ويجھو ڳوٺ شاھنواز دوداڻي جتوئي ۾ شڪارپور پوليس پاران ٽئين ڏينھن آپريشن ڪيو ويو، ذريعن موجب چار کان وڌيڪ مبينا جوابدار زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ارشاد عطراڻي، ڪانڊيرو عطراڻي ،قاسم بڊاڻي، چڻي دوداڻي جتوئي شامل آھن، جڏھن ته پوليس مارٽر گولا فائر ڪرڻ بعد سموري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جوابدارن جي گرفتار عمل ۾ نه اچي سگهي، ذريعن موجب ڪارروائي دوران پوليس موٽرسائيڪل ۽ چار کان وڌيڪ ڍور به ڪاهي آئي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته امين دوداڻي جي گينگ خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي، ڏوھارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.