| رستم ويجھو دوداڻي گينگ خلاف آپريشن، مارٽر گولا فائر |
رستم (ن پ ا) رستم ويجھو چمن سکپور واري علائقي ۾ شڪارپور پوليس پاران بدنام ڏوھاري امين دوداڻي جي گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنھن دوران ذريعن مطابق پوليس ڊرون ذريعي مارٽر گولا به فائر ڪيا پر تڏھن به کين گرفتاري عمل ۾ نه آئي، جنھن سبب پوليس واپس موٽي آئي، ٻئي طرف شڪارپور پوليس ٻڌايو ته ھر آئي ڏينھن خانپور تعلقي اندر ڦرلٽ جا واقعا وڌي رھيا آھن، ڏوھارين خلاف آپريشن ڪري امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻايو ويندو.