| رستم ويجھو ساريون کڻڻ تان ڇڪتاڻ: فائرنگ ۾ چاچن هٿان ڀائيٽيو قتل |
رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ عبدالڪريم ڪوش ۾ ساريون ڦر ڪرڻ جي معاملي تان ڇڪتاڻ سبب فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري جوابدارن ھٿان ڀائٽيو عبدالشڪور پٽ شير عالم ڪوش موقعي تي قتل ٿي ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، اطلاع تي ڪوٽ شاھو پوليس پھچي رات ديرسان لاش وصول ڪري خانپور اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوليس مطابق پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو، ايس ايچ او محبوب بروھي موجب واقعو ساريون کڻڻ جي معاملي تان پيش آيو آھي، جوابدار چاچن فيض عالم ڪوش ۽ ٻين پاران فائرنگ ڪري ڀائٽيو عبدالشڪور پٽ شير عالم ڪوش کي قتل ڪيو ويو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين.