| رستم ويجھو عورت قتل جو ڳجھه ڳوهه ۾ جرڳو: ڪارنهن هيٺ آيل ڌر تي 44 لک رپيا ڏنڊ |
رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو ڳوٺ جھنگل شر ۾ 3 نومبر جي ڏينھن تي مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيل ناري زاھده زال غلام سرور شر واري معاملي جو ذريعن مطابق ڳجھ ڳوھ ۾ مقامي بااثر جي سرپئنچي ھيٺ جرڳو ڪيو ويو، جنھن ۾ ذريعن مطابق ڪارنھن الزام ھيٺ آيل امتياز عطراڻي جتوئي واري ڌر تي 20 لک رپيا ڪارنھن جي چٽي ڏھ لک رپيا پاڙيسري ھجڻ جو ڏنڊ ۽ 14 لک رپيا پوليس خرچ سميت ڪارنھن الزام ھيٺ آيل ڌر تي ٽوٽل 44 لک رپيا چٽي مقرر ڪئي وئي، جنھن بعد ذريعن مطابق ڪارنھن الزام ھيٺ آيل ڌر موقعي تي ڏيڍ لک رپيا ادا ڪيا، بقايا رقم چئن قسطن ۾ ڏيڻ جي فتوي ٻڌائي، ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو، ياد رھي تہ 3 نومبر 2025 ۾ ذريعن مطابق جوابدارن پاران شادي شده ناري زاھده جتوئي زال غلام سرور شر کي وٽس موبائل فون ملڻ بعد ڪارنھن جو ڪوڙو الزام ڏئي قتل ڪيو ويو ھو، واقعي بعد رستم پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران واقعو ٿيو ئي ناھي چئي، معاملي کي لئه مٽي ڪري ڇڏيو ھو.