رستم ويجھو مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ جوابدارن ناري کي قتل ڪري ڇڏيو

رستم ويجھو مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ جوابدارن ناري کي قتل ڪري ڇڏيو

رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ٿاڻي جي حد ٽوبافور واري علائقي جي ڳوٺ بيبرڪ ڪمالاڻي جتوئي ۾ جوابدارن پاران مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ شادي شده ناري صائمه زال علي محمد ڪمالاڻي جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس پھچي لاش ھٿ ڪري خانپور اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته جوابدارن پاران ناري کي مائٽ گامڻ ڪمالاڻي جتوئي ڪارنھن الزام ڏئي قتل ڪيو ويو آھي، واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ٻئي پاسي ذريعن موجب جوابدارن پاران ھڪ ڏينھن اڳ ناري کي مبينا ڪارنھن جو الزام ڏئي قيد ڪري رکيو ويو هو.