| رستم ويجھو ٻڪري فصل ۾ وڃڻ تان فائرنگ، نوجوان قتل، پٽ سميت 2 ڄڻا زخمي |
رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو ٻڪري فصل ۾ وڃڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، پٽ سميت 2 ڄڻا زخمي، ڳوٺ در خان شر ۾ ٻڪري فصل ۾ وڃڻ تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ھادي بخش شر کي قتل ڪري ڇڏيو، سندس ٻارھن سالن جو پٽ شمن علي شر سخت زخمي ٿي پيو، زخمي نينگر جي رڙين تي کين بچائڻ لاءِ پهتل ڳوٺاڻي حاڪم علي شر تي به فائرنگ ڪئي وئي، وارثن پھچي مقتول جو لاش ۽ ٻنهي زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، مقتول ڳوٺاڻي جي معذور ڀاءُ عبدالرشيد شر ٻڌايو ته صبح جو جوابدار ڌر جي ماڻھن جي ٻڪري فصل جي ڀيل ڪئي، جنھن بعد پاڻ وچ ۾ ڏند چڪ ٿيا، علائقي واسين مسئلو حل به ڪرايو پر جوابدار ڌر ڳوٺ ٻاھران گھٽ ڏئي ويٺل ھئا، ٻئي پيءُ پٽ شھر کان واپس ڳوٺ وريا ته مٿن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني. ٻي طرف الزام هيٺ آيل ڌر مقتول جو سڳو ڀاڻيجو ٻڌايو پيو وڃي، ھوڏانھن پوليس جو چوڻ ھو ته ڳوٺ ۾ پاڻ ۾ رشتيدارن جو جھيڙو ٿيو آھي، ھڪ 40 ورهين جو نوجوان قتل ٿي ويو، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.