رستم ويجھو پراڻي تڪرار جي آڙ ۾ ڳوٺاڻو ڪٽنب سامهون گوليون هڻي قتل
ڊسمبر 13, 2024
رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو محمد آباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عامل مھر ڀرسان موٽرسائيڪل سوار ڳوٺاڻي ادريس پٽ محمد يونس مرڻاڻي جتوئي کي اڻڄاتل جوابدارن پاران موٽرسائيڪل تان لاھي سندس گھر واري سامھون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي گھر واري جي رڙين تي ڳوٺاڻا واقعي واري ھنڌ پھچي ويا، جڏهن ته اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي، ٻي طرف علائقي واسين جو چوڻ ھو ته واقعو رضا ڳوٺ جي ڪچي ۾ ھلندڙ جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئي تڪرار تان پيش آيو آهي. هوڏانهن مقتول ادريس مرڻاڻي جتوئي جي ڀاءُ فاروق مرڻاڻي جتوئي جو چوڻ هو ته جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئي تڪرار رضا ڳوٺ جي ڪچي ۾ ھلندڙ آھي، جنھن سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي، اسان جي ڀاءُ کي هٿياربندن سندس گھر واري سامھون عجيب بليلاڻي مھر جي اوطاق ڀرسان موٽرسائيڪل تان لاھي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته ھٿياربند ڳوٺ عامل مھر لنڪ روڊ تي پوليس چوڪي سامھون جديد ھٿيار کڻي سرعام اچي ڳوٺاڻي کي قتل ڪرڻ بعد واپسي وقت به ساڳي رستي کان گذري ويا پر پوليس کين ڪجھه نه ڪيو، شڪ ٿيو آھي، پوليس ۽ جوابدارن جي ڊيل کانپوءِ ڳوٺاڻي کي قتل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول ادريس کي ٻن معصوم پٽن جو اولاد ھيو جيڪي به واقعي وقت ساڻن گڏ ھئا سندن سامھون جوابدارن ڳوٺاڻي کي گوليون ھنيون ته مقتول نوجوان جي گھرواري ۽ ٻنھي معصوم ٻارڙن کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا ھئا.