رستم ويجھو پراڻي ڪارنهن تڪرار تان سئوٽن ۾ جھيڙو، 2 ڀائر قتل، 3 ڄڻا زخمي

رستم ويجھو پراڻي ڪارنهن تڪرار تان سئوٽن ۾ جھيڙو، 2 ڀائر قتل، 3 ڄڻا زخمي

رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ۾ سئوٽن وچ ۾ ھلندڙ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو، 2 ڀائر قتل ٿي ويا، ٻنھي ڌرين جا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي جتوئي ۾ پراڻي ڪارنھن معاملي تان ٻن سڳن سئوٽن شھزادو ڪمالاڻي جتوئي ۽ امداد ڪمالاڻي جتوئي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران ٻه سڳا ڀائر حاجي عرف امتياز علي ڪمالاڻي جتوئي ۽ سندس ڀاءُ امداد علي پٽ سلطان ڪمالاڻي جتوئي قتل ٿي ويا، جڏھن ته سندن ڌر جو ٽيون نوجوان منير ڪمالاڻي جتوئي زخمي ٿي پيو، ٻي ڌر جا شھزادو ڪمالاڻي جتوئي ۽ سندس ساٿي عالم بڊاڻي جتوئي زخمي ٿي پيا، اھڙي اطلاع بعد ٻنھي ڌرين وچ ۾ پنج ڪلاڪن تائين ڇتي فائرنگ ھلندڙ رھي، علائقي واسين جي اطلاعن باوجود پوليس نه پھچي سگھي ھئي، ٻئي طرف ھڪئي وقت قتل ٿيل ٻنھي ڀائرن جا لاش سندن وارثن عورتن کڻائي لوڊر رڪشا ۾ خانپور اسپتال منتقل ڪيا جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا،ٻي طرف پوليس موجب  معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن خلاف وارثن جڏھن ڪيس داخل ڪرايو ته کين گرفتار ڪيو ويندو،
 

سلطان جتوئي جا ٻئي پٽ مارجي ويا، ويڙهو ويران ٿي ويو: سسئي جتوئيرستم: خانپور اسپتال مان ماروٽن جا لاش وصول ڪندڙ سسئي ڌيءُ غلام حيدر ڪمالاڻي جتوئي ٻڌايو ته ماروٽن جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران سلطان ڪمالاڻي جتوئي جا ٻئي پٽ مارجي ويا، سندن ويڙھو ئي ويران ٿي ويو، سلطان ڪمالاڻي جتوئي کي اھي ئي پٽ ھئا جيڪي قتل ٿي ويا آھن، ھن وڌيڪ چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي.