رستم ويجھو پوليس آپريشن ۾ ٿيل نقصان جو جرڳو: فريادي تي 86 لک چٽي

رستم ويجھو پوليس آپريشن ۾ ٿيل نقصان جو جرڳو: فريادي تي 86 لک چٽي

رستم/لکي غلام شاھه(رپورٽ: طيب جتوئي+ فھيم منگي) رستم ويجھو ڳوٺ جمعو مھر ۾ پوليس جي ڪيل آپريشن جو جرڳو ڪري فريادي ڌر تي 86 لک رپيا چٽي مقرر ڪئي وئي،لکي غلام شاھ ڀرسان وزير آباد ۾ اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مهر جي سرپئنچي ھيٺ رستم جي ڳوٺ جمعو مھر واسي عبدالخالق مھر ۽ خانپور واسي حافظ طارق بلوچ جي ڌرين وچ ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ جو جرڳو ڪيو ويو، جنھن ۾ مليل ڄاڻ مطابق عبدالخالق مھر جي ڌر بيان ڪيو ته 2 سال اڳ حافظ طارق بلوچ جي دڪان تان روز مرھ جو سامان ورتو ھيو، جنھن ۾ کيس ھزار جي جڳھه تي پنج سئو رپيا ڏنا ته اسان جي موبائل وٺي پاڻ وٽ رکي ڇڏي، جنھن سبب ڇڪتاڻ ھلندڙ رھي، جنھن کانپوءِ ڪجھه ڏينھن اڳ سندس دڪان تي وڃي موبائل واپس ڪرڻ لاءِ چيو ته جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي بعد حافظ طارق بلوچ جي ڌر پاران ايف آءِ  آر داخل ڪرائي اسان جي گھرن تي پوليس جو آپريشن ڪرايو، پوليس اسان جي گھرن کي ڊاھيو ۽ باھيون ڏئي 86 لک رپين جو نقصان ڪيو آھي، جڏھن ته حافظ طارق بلوچ جي ڌر بيان ڪيو ته ڪوبه پئسن جو معاملو ناھي، عبدالخالق مھر جي ڌر اثر رسوخ جو استعمال ڪري دڪان تي حملو ڪيو ۽ اسان جي ڀاءُ کي زخمي ڪيو آھي، جنھن بعد چار کان وڌيڪ جوابدارن خلاف حملي جو ڪيس داخل ڪرايو، جرڳي ۾ ڌرين جون اھڙيون ڳالھيون ٻڌڻ بعد سرپئنچ اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مھر  پاران احسان مھر ۽ مشتاق مھر مطابق مجموعي طور 87 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو، جنھن ۾ ھڪ لک رپيا حافظ طارق بلوچ جي ڌر جي زخمي جو ڪٽ ڪري باقي عبدالخالق مھر جي ڌر جا حافظ طارق بلوچ جي ڌر جي 86 لک رپيا چٽي مقرر ڪري ٽن قسطن م ادا ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪئي، جنھن بعد ٻئي ڌريون ھڪٻئي کي ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي ويا، جرڳي بعد حافظ طارق بلوچ پاران موقعي تي پنجاھ ھزار رپيا ادا ڪيو، ان حوالي سان حافظ طارق بلوچ سان به رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪوبه موقف سامهون نه اچي سگهيو.