| رستم ويجھو ڪچي ۾ ڪارنهن تان ويڙهاند: هڪ ڄڻو قتل، 6 زخمي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ |
رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ ربڏنو جتوئي ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان محمد صلاح مصراڻي ۽ گلاب مصراڻي جتوئي جي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، ٻنھي ڌرين پاران جديد ھٿيارن سان ھڪٻئي خلاف چئن ڪلاڪن تائين فائرنگ ڪئي وئي، جنھن سبب گلاب مصراڻي جتوئي جي ڌر جو ھڪ 60 ورھين جو شيخ محمد مصراڻي جتوئي قتل ٿي ويو، جڏھن ته ساڳي ڌر جا عبدالرحيم مصراڻي جتوئي ۽ جاڙو مصراڻي جتوئي ۽ محمد صلاح مصراڻي جتوئي جي ڌر جا ولي محمد مصراڻي جتوئي، عبدالحليم مصراڻي جتوئي ۽ ھڪ واٽھڙو بھرام ڪوش زخمي ٿي پيا، جنھن بعد حد جي پوليس راڄوڻي ڪوشش سان قتل ٿيل ڳوٺاڻي جو لاش ۽ واٽھڙو زخمي نوجوان بھرام ڪوش کي ھٿ ڪرڻ بعد خانپور اسپتال منتقل ڪيو جتان زخمي کي فرسٽ ايڊ بعد شڪارپور نيو ويو، جڏھن ته مقتول ڳوٺاڻي جو لاش پوليس مطابق پوسٽ مارٽم بعد وارث عورتن ۽ مردن حوالي ڪيو ويو، جيڪي واپس ڳوٺ کڻائي پھتا ته سندن گھر م ڪھرام مچي ويو، ان ڏس پوليس ٻڌايو ته اسان کي ھڪ واٽھڙو زخمي بھرام ڪوش ۽ ھڪ قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي شيخ محمد مصراڻي جتوئي جو لاش مليو، جنھن ڪري ھڪ قتل ۽ ھڪ زخمي جي تصديق ٿي آھي، ھي واقعو ٻه سال اڳ گلاب مصراڻي جتوئي پاران محمد صلاح مصراڻي جتوئي واري ڌر تي ڪارنھن جو الزام ڏنو ھو، جنھن ڪري پيش آيو، مقتول جا جڏھن وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاء آيا ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين.