رستم ۾ ٽي ڏينهن يرغمال بڻائڻ بعد مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ 2 ناريون قتل

نومبر 29, 2024

رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي ۾ جوابدارن مبينا طور ڪارنھن الزام ڏئي ٻن نارين ايازِ زال دائم الدين ڪمالاڻي ۽ نوابِ زال شھزادو ڪمالاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا نارين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، ان حوالي سان حد جي پوليس ٻڌايو ته جوابدارن ڪارنھن الزام ھيٺ ٻن شادي شده نارين کي قتل ڪيو آهي،  معاملي جي وڌيڪ جاچ  ڪئي پئي وڃي. ٻي طرف مقتولا نارين جي وارث عورتن ٻڌايو ته سندن نياڻين کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي.

ناريون سڳيون سئوٽ هيون، ٽي ڏينهن گهر ۾ يرغمال رهيون !

رستم : ذريعن موجب مقتولا ٻئي ناريون پاڻ  ۾ سڳيون سئوٽ آھن، کين پيڪن جي گھر ۾ تعنا ڏيڻ تان جوابدارن ناري نوابِ زال شھزادو ڪمالاڻي ۽ ايازِ زال دائم الدين ڪمالاڻي کي ڪارنھن الزام ڏئي قتل ڪيو ويو. ٻنھي نارين کي قتل ڪرڻ کان پھريان ٽن ڏينھن تائين گھرن ۾ يرغمال ڪري رکيو  ويو هو.

واقعي ۾ ڪيترا جوابدار ملوث آهن ؟ جاچ ڪريون پيا: پوليس

رستم : رستم ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته جاچ مڪمل ڪرڻ بعد ئي تصديق ڪئيويندي ته نارين کي قتل ڪرڻ ۾ ڪيترا جوابدار ملوث آھن، جنھن بعد انھن سمورن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪنداسين.

خبر هلائڻ تان رستم ٿاڻي جي وڏي منشيءَ جون پنهنجي اخبار جي رپورٽر کي ڌمڪيون

رستم : ٻنھي نارين جي قتل واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ کانپوءِ رستم ٿاڻي جي وڏي منشي دائم لاشاري موقف ڏيڻ بدران پنھنجي اخبار رستم جي رپورٽر کي ڌمڪيون ڏنيون  ۽ ھن چيو  ته اوھان ڪيئن خبر رپورٽ ڪئي آھي، ان جو اوھان سان حساب ڪتاب جلد ڪنداسين.

Leave A Comment