| رستم ۾ پوليس آپريشن: قبيلائي تڪرارن جو ذميوار ڀوتارن کي قرار ڏيندڙ شاگرد ۽ نوجوان سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، 20 کان وڌيڪ زخمي |
شڪارپور/رستم(رپورٽ: وحيد بروھي ۽ طيب جتوئي) شڪارپور ويجھو مهر_جتوئي تڪرار تان گھوٽ سميت ٽن ڄڻن جي قتل بعد پوليس آپريشن ڪري قبائلي تڪرارن جو ذميوار ڀوتارن کي قرار ڏيندڙ ٻن نوجوانن سميت ٽن ڄڻن کي ماري ڇڏيو. ان ڏس ۾ شڪارپور ڀرسان جتوئي مھر تڪرار تان حملو ڪري گھوٽ الطاف احمد مھر سندس معصوم ڀاءُ محمد حسن مھر ۽ ڪار ڊرائيور محمد رمضان مھر کي قتل ڪرڻ واري واقعي بعد شڪارپور پوليس ٻئي ڏينھن رستم ويجھو ڳوٺ عالم سعدخاناڻي جتوئي ۽ ڳوٺ دودو سعدخاناڻي جتوئي ۾ آپريشن ڪيو، جنھن دوران”قبائلي تڪرار ڀوتار ڪرائين ٿا“ وارو بيان ڏئي تنقيد ڪندڙن ٻن ڄڻن مالڪ ڏنو سعدخاناڻي جتوئي ۽ مھربان سعدخاناڻي جتوئي ۽ اربيلو سعدخاناڻي جتوئي مارجي ويا. پوليس جا مارٽر گولا لڳڻ ڪري مارجي ويل ٽنھي مبينا جوابدارن جا لاش پوليس کڻائي خانپور اسپتال منتقل ڪيا، جتي خبر لکڻ وقت تائين لاش اسپتال ۾ پيل رھيا، ھوڏانھن شڪارپور پوليس پاران دعوي ڪئي ته پوليس آپريشن دوران مارجي ويل سمورا ڏوھاري آھن، ۽ وڌيڪ به آپريشن جاري آھي، ايس ايس پي شڪارپور جي ترجمان موجب پوليس ڪارروائي اندر 4 ڏوهاري مارجي ويا آهن ٽن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن هڪ جي ڳولا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پوليس آپريشن دوران 20 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿيا آهن ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جو چوڻ آهي ته قبائلي تڪرار جي آڙ م ڪنهن کي به اجازت نه آهي جو بلاوجه ڪنهن جو خون ڪري جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رھي ته پوليس آپريشن دوران مارٽر گولا لڳڻ ڪري مارجي ويل مالڪ ڏنو سعدخاناڻي جتوئي ۽ مھربان سعدخاناڻي جتوئي ھڪ ڏينھن قبائلي تڪرارن جي حوالي سان ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ھو ته ”جتوئي مھر تڪرار جا ڀوتار ذميوار آھن، جنھن ڪري ھر روز ماڻھو قتل ٿين ٿا، ٻنھي ذاتين جا ڀوتار چاھين ته امن ٿي سگھي ٿو.هنن چيو هو ته تڪرار جي خاتمي لاءِ تاريخ رکيل هئي، اها ڀوتارن ملتوي ڪرائي، جنهن بعد ماڻهو مارجي رهيا آهن“ سندن اھڙي اسٽوري ھڪ ڏينھن اڳ ٽائيم نيوز تي نشر ٿي ته ٻئي ڏينھن تي ڀوتارن تي تنقيد ڪندڙ ٻئي ڄڻا پوليس آپريشن ۾ مارجي ويا، جنھن سبب ماڻھن سوشل ميڊيا تي سوال به اٿارڻ شروع ڪيا ته ھڪ ڏينھن اڳ ڀوتارن تي تنقيد ڪندڙ ٻئي ڏينھن تي ٻئي ڪيئن گڏ مارجي ويا آھن، جڏھن ته مارجي ويل مھربان سعدخاناڻي جتوئي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته فرسٽ ايئر جو شاگرد ھو، ٻئي طرف گھوٽ سميت ٽن ڄڻن جي قتل بعد سوڳ ۾ رستم شھر بند ٿي ويو، جڏھن ته جتوئي مھر ڌرين ۾ ڇڪتاڻ به وڌي وئي آھي، علائقي واسين پاران وڌيڪ خونريزي ٿيڻ جو خدشو به ظاھر ڪيو ويو آھي.