| رستم ۾ پوليس مقابلو جڙتو ثابت: 2 نوجوانن جي خون جو جرڳو: 3 ڪروڙ: 3 لک ڏنڊ |
رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو ڳوٺ غلام فريد جتوئي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس ساٿي امجد علي لھر جي خون جو جرڳو گلزار احمد گھراڻي جتوئي جي اوطاق تي ڪيو ويو، جرڳي ۾ ڊسمس فرام سروس ٿيل 12 پوليس اھلڪارن،عملدارن اڳوڻو ايس ايچ او مير محمد سومرو، نديم انصاري، وڏو منشي محمد دائم لاشاري، جاويد ملاڻو، ون فائيو شڪارپور پوليس چوڪي جي اڳوڻي انچارج جادل ڪوش، وڪيل احمد ٻرڙي لياقت علي جکري، شاھد حسين ڀيو، عبدالغفار ٻرڙي، خالق داد بروھي، ڪامران سيٺار ۽ سراج احمد لوڊري سميت، پوليس اھلڪار خادم حسين ھڪڙي، خانگي پي او سو محمد عثمان پنھور، خانگي گن مين ڏاڏو عرف آدم خان، سيد جڙيل شاهه، سيد ضمير شاھ، راشد لھر لھر سميت ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون ويون، ڳالهيون ٻڌڻ بعد ٻن ڄڻن جو خون ثابت ٿيڻ تي برطرف ٿيل 12 اهلڪارن سميت 18 ڄڻن تي مجموعي طور 3 ڪروڙ، 3 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنھن ۾ 25 لک رپيا ون فائيو جي اڳوڻي انچارج جادل ڪوش جتوئي تي ڏنڊ مقرر ٿيو، جرڳي ۾ مارجي ويل نوجوانن جي وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان دانھون ڪري رھيا ھئا ته بيگناھ آھيون، تنھن باوجود جادل ڪوش حڪم ڏئي مٿن فائرنگ ڪرائي کين قتل ڪرايو،جرڳي ۾ ون فائيو جي اڳوڻي انچارج جادل جتوئي تي جتوئي ٿي ڪري جتوئي نوجوان کي مارڻ جو 25 لک لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، جڏھن ته ڏوھي ثابت ٿيل پوليس اھلڪارن ۽ عملدارن جي ڌر پاران ھڪ لک رپيا موقعي تي ادا ڪيو ويو.فيصلي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل غلام مرتضيٰ جتوئي چڱي مڙس گلزار احمد جتوئي جو پٽ ھجڻ ڪري سندس خون جو اگهه ڏيڍ ڪروڙ رپيا طئي ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي امجد علي لھر جي خون جو اگهه ھڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪيو ويو.
| سال اڳ پوليس مبينا مقابلي جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي هئي |
رستم: 2025 جي پھرين جون تي شڪارپور پوليس پاران شھر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ فريد جتوئي واسي نوجوان غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ امجد علي لھر کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي، جڏھن ته سندن ٽئين ساٿي اصغر جتوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو، پوليس مقابلي بعد عدالتي حڪم تي اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران جاچ ڪميٽي جوڙي وئي، جاچ بعد مقابلو جڙتو ثابت ٿيو هو، جنهن بعد 12 پوليس اھلڪارن ۽ عملدارن کي ڊسمس فرام سروس ڪيو ويو ھو.
نوجوانن جي وارثن شرط رکيو هو ته جرڳي ۾ الزام هيٺ آيل سمورا جوابدار شرڪت ڪندا ته پوءِ فيصلو ڪنداسين
رستم: نوڪريون چٽ ٿيڻ بعد جوابدار ڌر پاران ميڙ منٿ قافلا ڪري ٻنھي نوجوانن جي وارثن کي راڄوڻي لاءِ راضي ڪيو ھو، جنھن ۾ ھنن شرط رکيو ھو ته جڙتو مقابلي ۾ ملوث پرائيويٽ ماڻھن سميت سمورا پوليس اھلڪار ۽ عملدار ڳالھين ۾ اچن ته صلح ڪنداسين، جنھن بعد ڊسمس فرام سروس ڪيل 12 پوليس اھلڪارن ۽ اھلڪارن سميت 18 ئي ون فائيو پوليس چوڪي جي اڳوڻي انچارج جادل ڪوش جي پرائيويٽ گن مينن ۽ محڪماڻي ڪارروائي کان بچي ويل اھلڪارن پاران راڄوڻي ذريعي جرڳو ڪري ساڻن ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي ويا.