| رستم ۾ پوليس نوجوان فل فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ، 7 ڪلاڪن بعد لاش وارثن حوالي |
رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ خير محمد ڪوش ۾ شڪارپور پوليس پاران ڳوٺاڻي اشرف ڪوش کان ڦر ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي واپس ڪرائڻ لاءِ ھزارو ڪوش جي گھرن تي چڙھائي ڪئي ته گھربل جوابدار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ھٿ نه اچڻ ڪري ذريعن موجب پوليس ساڳئي ڳوٺ جي رھواسي الھوسايو ڪرسي جتوئي جي گھرن تي چڙھائي ڪري ھڪ ڄڻي الھورايو ڪرسي جتوئي کي گرفتار ڪيو ته کيس آزاد ڪرائڻ لاءِ سندس ڀاءُ وحيد احمد ڪرسي جتوئي پاران پوليس جي گاڏين تي مبينا طور بندوق جو فائر ڪيو، جنھن بعد پوليس اھلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو، پوليس طرفان مارجي ويل جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان 7 ڪلاڪن بعد ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي ايس ايچ او محبوب لولائي مطابق مارجي جوابدار جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان ايس ايچ او محبوب لولائي موجب ته شڪارپور پوليس جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪوٽ شاهو جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو، آپريشن دوران جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو آهي، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار لڪيل ڏوهاري هو، پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، ھوڏانھن شڪارپور پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته بدنام ڏوھاري عاشق ڪرسي جي موجود ھجڻ جي اطلاع تي شڪارپور پوليس پاران ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويو جتي 12 ڪيسن ۾ ھڪ گھربل ڏوھاري وحيد ڪرسي جتوئي سندس ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، سندس قبضي مان ڪلاشنڪوف، ميگزين ۽ گوليون ھٿ ڪيون ويون آھن،جڏهن ته هٿياربند فرار ٿي ويا، ٻئي طرف ڪوٽ شاھو پوليس پاران مارجي ويل جوابدار وحيد ڪرسي جتوئي ۽ گرفتار سندس ڀاءُ الھورايو ڪرسي جتوئي سميت 12 سڃاتل ۽ ٻن اڻڄاتل ھٿياربندن خلاف ڪوٽ شاھو ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ فرياد ايس ايچ او محبوب لولائي ڄاڻايو ته ڏوھارين جي اطلاع تي ڄاڻايل علائقي ۾ پھتاسين ته مقابلو ٿي پيو، جنھن دوران ساٿي ھٿياربندن جي فائرنگ م ھڪ ھٿياربند وحيد ڪرسي جتوئي مارجي ويو، جڏھن ته سوڀارو شھڪاڻي، ابن شھڪاڻي، سائين بخش سعدخاناڻي، عاشق ڪرسي، جانو ڪوش، امين دوداڻي، ۽ شھزادو ڪمالاڻي جتوئي سميت 11 سڃاتل ۽ ٻه اڻڄاتل ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.هوڏانهن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل وحيد ڪرسي جتوئي جي سئوٽ راڻو ڪرسي جتوئي ۽ ڀائٽي امداد ڪرسي جتوئي ٻڌايو ته سندن نوجوانن تي مائٽن سان جھيڙي ۾ ھڪ نوجوان ممتاز ڪرسي جتوئي جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس داخل آھي، باقي ڄاڻايل 12 ڪيسن واري پوليس جي دعويٰ ڪوڙي آھي، هنن الزام هڻندي چيو ته سندن نوجوان الھورايو کي پوليس بيگناھ رستي تان گرفتار ڪيو ته سندس ڀاءُ دانھون ڪري ڊوڙيو ته پوليس کيس فائرنگ ڪري قتل ڪيو آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.