رستم ۾ پوليس چوڪي تي حملو، فائرنگ، هڪ اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي

جُون 13, 2023

شڪارپور ( رپورٽر) رستم ٿاڻي جي حد پوليس پڪٽ لٻاڻو شيخ  تي هٿياربندن حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هلڪار شهيد ٿي ويو جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو، ڏوهاري سرڪاري رائفلون به کڻي ويا

لٻاڻو شيخ پوليس چوڪي تي 15 کان وڌيڪ هٿيارن بندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار الاهي بخش هڪڙو موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو جڏھن  ته اهلڪار انور علي مهر سخت زخمي ٿي پيو

هي به پڙهندا

شھيد ٿي ويل پوليس اهلڪار کي شڪارپور جي سول اسپتال آندو ويو  جتي اسپتال انتظاميا حد نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي شهيد اهلڪار جو مڙهه لکي غلام شاھ اسپتال ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن پوليس چوڪي تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿيو آهي ان حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي

Leave A Comment