دنيا جي تاريخ جيڪڏهن غور سان پڙهي وڃي ته ان جو وڏو حصو جنگين، خونريزين، سياسي تڪرارن ۽ انساني نقصانن سان ڀريل نظر اچي ٿو۔ هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن نالي سان جنگ ٿي آهي، پر نتيجو گهڻو ڪري هڪجهڙو ئي رهيو: تباهي، وڇوڙو ۽ انسانيت جو زوال۔ اهڙي پسمنظر ادب خاص طور شاعري، خاموش نه رهي. ڪجهه شاعر اهڙا به پيدا ٿيا، جن جنگ کي صرف قومي فخر يا فوجي ڪاميابي جي اک سان نه ڏٺو، پر ان جي اندر لڪل انساني درد کي محسوس ڪيو۔ انهن مان هڪ اهم نالو رسول حمزاتوف جو پڻ آهي. هو پنهنجي شاعريءَ وسيلي جنگ جي حقيقت کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪري ٿو، جيڪو پڙهندڙ جي دل ۽ ذهن ٻنهي کي متاثر ڪري ٿو۔
رسول حمزاتوف جو تعلق روسي علائقي داغستان سان هو. هي قفقاز جي جبلن وارو علائقو آهي۔ هي پورو خطو تاريخي طور تي جنگين، مزاحمتن ۽ ثقافتي تنوع جو مرڪز رهندو پيو اچي۔ شايد اهو ئي سبب آهي ته حمزاتوف جي شاعري ۾ هڪ طرف بهادري ۽ وقار نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف جنگ جي ڪري پيدا ٿيندڙ درد ۽ انساني تڪليف به واضح طور تي محسوس ٿئي ٿي۔ هو جنگ کي ڪنهن به صورت ۾ رومانوي انداز ۾ پيش نٿو ڪري، بلڪه ان جي اصل حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو۔رسول حمزاتوف، جنگ جي ’فتح‘ کي وهم سان ڀيٽي ٿو. اهو ئي هن جي شاعريءَ جو هڪ اهم فڪري نُڪتو ته هو ’فتح‘ جي تصور کي به سوال هيٺ آڻي ٿو۔ عام طور تي جنگ ۾ جيڪو پاسي کٽي ٿو، ان کي فاتح سمجهيو ويندو آهي، پر گمزاتوف جي نظر ۾ اها فتح مڪمل نه هوندي آهي۔ هو چوي ٿو ته:
’جنگ کٽي به وڃجي،
پر ماءُ جي اکين مان لڙڪ نه کٽندا،
۽ خالي گهرن جا در،
هميشه ڪنهن جي واپسيءَ جو انتظار ڪندا رهندا.
شاعريءَ جي انهن سٽن ۾ هڪ وڏي سچائي لڪل آهي۔ جنگ ۾ جيڪڏهن ڪو ملڪ يا فوج ڪامياب به ٿئي، تڏهن به ان ڪاميابي جي پٺيان بيشمار خاندانن جو درد، بيواه عورتن جي خاموشي، ۽ يتيم ٻارن جو مستقبل هوندو آهي۔ حمزاتوف هن درد کي اجاگر ڪري اهو ٻڌائي ٿو ته اصل ۾ جنگ ۾ ڪو به مڪمل فاتح نٿو ٿئي۔ ان سان گڏ هن جو مشهور نظم ’ڪرانس‘ ۾ عجيب نموني سان يادگيرين جو فلسفو سمايل ملي ٿو. حمزاتوف جو مشهور نظم، هن جي شاعريءَ جو هڪ اهڙو شاهڪار آهي، جيڪو جنگ جي شهيدن کي هڪ علامتي ۽ روحاني انداز ۾ پيش ڪري ٿو۔ هو لکي ٿو:
’ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳي ٿو،
اهي سپاهي، جيڪي جنگ مان واپس نه آيا.
اهي مٽيءَ ۾ دفن نه ٿيا،
پر اڇن سارس پکين ۾ تبديل ٿي ويا آهن.‘
هي خيال صرف شاعري نه آهي، پر هڪ فلسفو آهي۔ هتي موت کي مڪمل خاتمو نه، پر هڪ نئين صورت ۾ تبديلي طور پيش ڪيو ويو آهي۔ سارس پکي آزادي، امن ۽ روحاني پاڪيزگيءَ جي علامت آهن۔ حمزاتوف هن تشبيهه وسيلي اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته جنگ ۾ مرندڙ ماڻهو صرف جسماني طور ختم ناهن ٿيندا، پر هو يادگيرين، دعائن ۽ فطرت جي علامتن ۾ زنده رهندا آهن۔
رسول حمزاتوف وٽ ماءُ جو درد ۽ انساني الميو تمام گهڻي شدت سان ملي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ ماءُ جو ڪردار تمام اهم آهي۔ هو سمجهي ٿو ته جنگ جو سڀ کان وڏو درد ڪنهن سپاهيءَ لاءِ نه پر ان جي ماءُ لاءِ هوندو آهي۔ جڏهن ڪو نوجوان جنگ مان واپس نٿو اچي ته ان جي ماءُ لاءِ زندگيءَ جو مطلب ئي تبديل ٿي وڃي ٿو۔ هو چوي ٿو ته هر گهر جيڪو جنگ ۾ پنهنجو پٽ وڃائي ٿو، اهو گهر هميشه لاءِ اداس ٿي وڃي ٿو۔
’ماءُ جي اکين مان لڙڪ،
ڪڏهن به جنگ جي ڪاميابي سان نه ٿا سڪي سگهن…‘
هي خيال ٻڌائي ٿو ته جنگ جي اصل قيمت صرف فوجي انگن اکرن ۾ نه ٿي ماپي سگهجي، پر ان جي قيمت انساني جذبن، خاص طور تي ماءُ جي دل جي ٽٽڻ ۾ لڪل آهي۔
ان سان گڏ رسول حمزاتوف وٽ جنگ ۾ ڪو به سچو فاتح ناهي. سندس شاعريءَ جو هڪ اهم پيغام هي آهي ته جنگ ۾ ڪوبه حقيقي فاتح نه هوندو آهي۔ هو لکي ٿو:
’جنگ ۾ ڪو به سچو فاتح ناهي هوندو،
هر فتح جي پٺيان
هزارين ماتم ڪندڙ دليون هونديون آهن…‘
هي سٽون جديد دنيا لاءِ به تمام اهم آهن۔ اڄ به جڏهن دنيا ۾ جنگيون ٿين ٿيون، ته ميڊيا ۽ سياسي بيانن ۾ ’فتح‘ جو لفظ استعمال ٿئي ٿو، پر انهن فتحن جي پٺيان جيڪي انساني الميا لڪل هوندا آهن، اهي اڪثر نظرانداز ڪيا ويندا آهن۔ حمزاتوف انهن نظرانداز ٿيل زخمن کي شاعريءَ جي صورت ۾ سامهون آڻي ٿو۔
حمزاتوف رڳو جنگ تي تنقيد نٿو ڪري، پر هو امن جو مضبوط پيغام به ڏئي ٿو۔ هو چوي ٿو:
’جيڪڏهن تون بندوق کي زبان بڻائيندين،
ته لفظ هميشه لاءِ مري ويندا،
۽ جتي لفظ مري وڃن،
اتي انسانيت به ساهه نه کڻي سگهندي…‘
هي خيال واضح ڪري ٿو ته ڳالهه ٻولهه ۽ فهم انسانيت جي بنيادي ضرورت آهي۔ جڏهن هٿيار ڳالهائڻ شروع ڪندا آهن ته انسانيت خاموش ٿي ويندي آهي۔ حمزاتوف جي نظر ۾ لفظن ۾ طاقت آهي، ڇو ته اهي دلين کي جوڙي سگهن ٿا، جڏهن ته بندوقون صرف تباهي آڻين ٿيون۔
داغستان جي هن شاعرَ جي نظر ۾ وطن سان محبت ۽ جنگ جو تضاد موجود آهي. هن جي نظمن ۾ وطن سان بيحد محبت ملي ٿي. هو لکي ٿو ته،
’منهنجو داغستان رڳو هڪ جڳهه نه آهي،
اهو منهنجي روح جو حصو آهي…‘
پر جڏهن وطن جنگ جي ميدان بڻجي وڃي ٿو ته اها محبت به درد ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي۔ ڇو ته ماڻهو پنهنجي ئي زمين تي پنهنجا پيارا وڃائين ٿا۔ وطن، جيڪو حفاظت ۽ سڃاڻپ جي علامت هجڻ گهرجي، اهو ئي جڏهن جنگ جو ميدان بڻجي وڃي ٿو ته انسان جي اندروني دنيا ٽٽي پوي ٿي۔
اڄ جي دور ۾، جڏهن دنيا مختلف سياسي، معاشي ۽ مذهبي تڪرارن سان ڀريل آهي، حمزاتوف جي شاعري وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿي۔ هن جو پيغام صرف ادب تائين محدود ناهي، پر اهو هڪ عالمي انساني پيغام آهي۔ هو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو مستقل حل ناهي، بلڪه اهو نوان مسئلا پيدا ڪري ٿي۔
جنگ نه صرف جسماني تباهي آڻي ٿي، پر اها نسلن جي نفسيات تي به اثر وجهي ٿي۔ ٻار جيڪي جنگ جي ماحول ۾ وڏا ٿين ٿا، انهن جي سوچ، خوف ۽ مستقبل تي به ان جا اثر پون ٿا۔ حمزاتوف جي شاعري انهن سڀني اڻ ڏٺل زخمن کي ظاهر ڪري ٿي۔
رسول حمزاتوف جي شاعري ۽ ان جي خيالن کي پڙهي اهو چئي سگهجي ٿو ته هن جي شاعري صرف لفظن جو مجموعو نه، پر هڪ انساني ضمير جو آواز آهي۔ هو جنگ کي هڪ اهڙي حقيقت طور پيش ڪري ٿو، جيڪا هر دور ۾ انسانيت کي سوال ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي۔ سندس شاعري ٻڌائي ٿي ته جنگ جي قيمت هميشه انسانيت ادا ڪري ٿي، ۽ اصل ڪاميابي صرف امن، محبت ۽ سمجهه ۾ آهي۔ ان ڪري هن جو پيغام اڄ به زنده آهي، ۽ شايد هميشه رهندو، ڇو ته جيستائين دنيا ۾ جنگون ٿينديون رهنديون، تيستائين حمزاتوف جهڙن شاعرن جا لفظ انسانيت کي آئيني جيان حقيقت ڏيکاريندا رهندا۔