| رس گلا ختم ٿيڻ تي گهوٽ ۽ ڪنوار جي مائٽن ۾ جهيڙو: مڪن جو وسڪارو |
بهار (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ شادي جي ماني دوران رس گلا ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪنوار ۽ گهوٽ جي خاندانن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب بهار رياست جي بودھ گيا ضلعي ۾ هڪ شادي جي تقريب جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي وئي، جڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار جي خاندانن ۾ رس گلن جي کوٽ تي جهيڙو ٿي پيو.رپورٽن موجب شروعاتي رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ، گهوٽ ۽ ڪنوار منڊپ ڏانهن وڃي رهيا هئا ته رسگلن تي تڪرار ٿي پيو.هوٽل ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيميرا تي وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. وڊيو ۾ ٻنهي خاندانن کي هڪ ٻئي تي ڪرسيون اڇلائيندي، مُڪون، ٺونشا هڻندي ۽ ڌڪا ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو. هي واقعو 29 نومبر تي هوٽل ۾ پيش آيو جتي ڪنوار جو خاندان به رهي رهيو هو.جهيڙي کان پوءِ، ڪنوار جي خاندان گهوٽ جي خاندان خلاف ڏاج جو ڪيس داخل ڪرايو،