| رشميڪا ۽ وجي جي فيبروري ۾ شادي؟ امڪاني تاريخ سامهون اچي وئي |
ممبئي (شوبز نيوز) رشميڪا مندانا ۽ اداڪار وجي ديوراڪونڊا جي شاديءَ جي امڪاني تاريخ سامهون اچي وئي، رشميڪا ۽ وجي طرفان شادي بابت ڪو باضابطا اعلان سامهون ناهي اچي سگهيو، پر ڀارتي ميڊيا ۾ اهڙيون رپورٽون گردش ڪري رهيون آهن جن مطابق ٻنهي پنهنجي زندگيءَ جي نئين سفر جي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق، “گيتا گونڌم” ۾ گڏ ڪم ڪرڻ واري هن جوڙي گذريل مهيني حيدرآباد ۾ هڪ نجي تقريب ۾ مڱڻو ڪيو هو. اها تقريب 3 آڪٽوبر 2025 تي وجي ديوراڪونڊا جي رهائش گاهه تي ٿي، جنهن ۾ صرف ويجھا عزيز ۽ دوست آيا هئا. هاڻ اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ٻئي اداڪار فيبروري 2026 ۾ شادي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. ٻئي اسٽارز ان بابت خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، پر تازو هڪ وڊيو ۾ رشميڪا جي آڱر ۾ منڊي ڏسڻ کانپوءِ شاديءَ بابت مختلف افواهه وڌي ويا آهن. ياد رهي ته سندن نئين فلم “ٿمّا” جي مشهوري دوران جڏهن مڱڻي بابت کانئن سوال ڪيو ويو ته هنن مسڪرائيندي جواب ڏيندي چيو ته “سڀني کي ان بابت ڄاڻ آهي”.