ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه مصطفيٰ ڪمال جي الزامن تي جواب ڏيندي چيو آهي ته رشوت وٺي نوڪري ڏيندڙ تي الله جي لعنت هجي، لساني ٽولو ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ نوڪريون وڪرو ڪرڻ جا الزام هڻي رهيو آهي
مراد علي شاهه چيو ته گجرات جي ڪاسائي مودي کي بهتر چوڻ ملڪ سان غداري کان گهٽ ناهي، هي ماڻهو تعصب پکيڙي رهيا آهن پر اسان ڪراچي کٽنداسين، هن چيو ته ڪنهن کي سياسي اتحاد ٺاهڻ کان روڪي نٿو سگهجي، ايندڙ چونڊن کانپوءِ شايد ڪا به جماعت سادي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي، ٿي سگهي ٿو ته اتحادي پارٽي وفاقي حڪومت ٺاهي، آئين جي دائري ۾ رهندي تڪبنديون هڪ مهيني ۾ ۽ اليڪشن ٽن مهينن ۾ ٿي سگهن ٿيون
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام کان روزگار کسيو ويو ته اهو رستن تي اچي ويندو، هڪ لساني ٽولو ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لاءِ پئسن تي نوڪريون وڪرو ڪرڻ جا الزام هڻي رهيو آهي، سنڌ جي عوام کي ميرٽ تي بنا ڪنهن فرق جي نوڪريون ڏنيون آهن، ڪراچي جو عوام اڳ به لساني سياست کي رد ڪري چڪو آهي
هن چيو ته ڪراچي واسي هاڻي به تعصبي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيندو، ڪراچي جي سيٽن سان ئي بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻجي ڏيکاريندو، اسان عزت، وقار ۽ سڪون سان عوام ڏانهن واپس وڃي رهيا آهيون