رشيد ڀٽي ۽ روشن خيالي … پارس ڀٽي

                 سنڌ جي مھا ڪوي شيخ اياز- جيڪو رشيد ڀٽيءَ جو ويجھو دوست به ھو – تنھن پنھنجي ھڪ وائيءَ ۾ اميد جي لاٽ ڏيکاريندي چيو آھي:

ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان

چوڌاري چمڪاٽ اسان

وک وک تي واسينگ ڏٺاسين

ڪونه ٿياسين ڪاٽ اسان

                 رشيد ڀٽي به انھن سٽن جي پنھنجي زندگيءَ ۾ حقيقي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿو، چاھي ان جي پيشورانہ زندگي ھجي يا ادبي دنيا، سياسي سماجي تحريڪون ھجن، يا ترقي پسند ادبي تحريڪ ھجي. ذاتي دوستن کان گھر جي ڀاتين تائين ھو ھر جا۽ تي ھڪ ڏيئي وانگر ٽم ٽم ڪندو ھو. ھن شعور ء آگاھي جي روشني ڦھلائيندي پنھنجي حياتي گذاري. رشيد ڀٽي پنھنجي اڻٿڪ جدوجهد ذريعي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاء پاڻ پتوڙيندڙ رھيو. سند ڌرتيءَ سان ڄڻ ته ھن جو عشق ھو. جنھن لاء ان پنھنجي وجود تي سند ڌرتيءَ کي فوقيت ڏني.

                 رشيد ڀٽي پنھنجي روشن خيالي جي ذريعي اسان جي زندگين ۾ وڏو انقلاب برپا ڪيو. ڪنھن وقت ۾ اسان جي خاندان جون وڏيون ٽوپيءَ وارا برقعا پائينديون هيون، ڇو ته اسان جو گھراڻو مولوي گھراڻو ھو ۽ ديوبند فڪر سان لاڳاپيل ھو پر رشيد ڀٽيءَ روشن خيالي جو ٻج ڇٽي وايومنڊل ئي تبديل ڪري ڇڏيو. جنھن جو مثال آئون پاڻ آھيان، جو اڄ ھتي اوھان سان مخاطب آھيان. اڄ اسان ۽ اسان جو ايندڙ نسل روشن خيالي طرف گامزن آھي. اسان جون نياڻيون به پٽن جيان برابري جي بنياد تي تعليم ء سياسي سماجي سجاڳيءَ ۾ پنھنجو ڪردار نڀائي رھيون آھن. منھنجو رشيد ڀٽيءَ سان  ننھن ۽ سھري وارو رشتو سندس حياتيءَ کان پوءِ جڙيو.

اسين ڇوڪريون جڏھن اروڙ مان پنج درجا پاس ڪري سکر ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ  لاءِ آياسين ته اسان سڀني جو گھر ماما رشيد ڀٽيءَ جو گھر رھيو. ان پڙھائي لاء پنھنجي ٻارن جيان سھولتون ڏنيون.

رشيد ڀٽيءَ جي وفات کان ھڪ مھينو پھرين سکر ۾ جشن لطيف ملھايو ويو، جنھن جي صدارت شيخ اياز ڪئي، مھمان خاص رسول بخش پليجو ۽  رشيد ڀٽي ھئا.

منھنجي ماسي/ سس اڪثر اسان کي ٻڌائيندي رھندي ھئي ته ھو شروع کان ئي روشن خيال ۽ لبرل ھو. دعوتن جو شوقين ھوندو ھو ۽ کين ھر ھفتي سينيما تي فلم ڏيکارڻ وٽي ويندو ھو ۽ پنھنجي دوستن جي دعوتن ۾ گڏ ويهاريندو ھو، انھن سان تعارف ڪرائڻ م ڪو به عار محسوس نه ڪندو ھو.

رشيد ڀٽي پنھنجي نوجوانيءَ کان مرڻ گھڙيءَ تائين قومي، عوامي جمهوري جدوجهد ۾ اڳڀرو رهيو، چاھي اھا سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ، ون يونٽ خلاف تحريڪ ھجي، ضياء جي آمريت ھجي، ھن ڪڏهن به پنھنجي جان ۽ مال جي پرواهه نه ڪندي ڀرپور حصو ورتو ۽ جيل ڪاٽيا. چئي سگهجي ٿو تہ رشيد ڀٽي، شيخ اياز ۽ حيدر بخش جتوئي: سنڌي شعور جا ٽي رخ  ھئا!

سنڌ جي تاريخ ۾ 1940ع کان 1980ع وارو دؤر “فڪري وھڪري” جو دور هو. هن دؤر ۾ سنڌي سماج کي ٽن مختلف پر محڪم پاسن کان هٿي ملي: عملي سياست (جتوئي)، شاعراڻي تخليق (اياز) ۽ فڪري ونڊ ورڇ (رشيد ڀٽي).

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ جو اهو پهريون سياسي دانشور هو، جنهن سنڌ جي هاريءَ کي “انسان” هجڻ جو احساس ڏياريو. جتوئي صاحب جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو هو ته هن سنڌي قومپرستي کي “طبقاتي جدوجهد” سان ڳنڍيو. هن سياسي نعري کي رڳو جذباتي نه، پر معاشي حقن (Land Reforms) جي لڙائي بڻايو. اڄوڪي سنڌ ۾ جيڪا به سياسي بيداري آهي، ان جي پاڙ جتوئي صاحب جي “هاري تحريڪ” ۾ آهي.

شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جو اهو آواز آهي، جنهن شاعريءَ کي رڳو محبوب جي زلفن تائين محدود نه رکيو، پر ان ۾ وطن جي مٽيءَ جو واس شامل ڪيو. اياز رڳو هڪ شاعر نه پر هڪ “فڪري انقلاب” هو. هن ڀٽائيءَ جي وائيءَ کي جديد دؤر جي سياسي تقاضائن سان ملائي هڪ اهڙي توانائي پيدا ڪئي، جنهن جي ڪري سنڌ جا نوجوان جيلن ۾ وڃڻ کان ڪونه ھٻڪيا. اياز جي شاعريءَ سنڌي قوم کي سندن قديمي تاريخ ۽ جديد لبرل سوچ سان روشناس ڪرايو.

اھڙي ريت رشيد ڀٽي حقيقت ۾ ان پوري دور جو “فڪري جج” ۽ “ترجمان” هو. هن جي اهميت اها آهي ته هن مٿين ٻنهي شخصيتن جي مقصد کي عوام جي ٻوليءَ ۾ واضح ڪيو. رشيد ڀٽي جي لکڻين ۾ جيڪا حقيقت نگاري (Realism) آهي، اها شيخ اياز جي شاعريءَ جي فڪري تشريح هئي. هن نه رڳو اياز کي تنقيد جي تيرن کان بچايو پر هن حيدر بخش جتوئي جي سياسي نظرين کي “افسانوي ادب” جو حصو بڻايو. هن جو ترجمو ڪيل مارڪسي ادب سنڌي ذهن جي اها غذا بڻيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جهڙا ادارا جنم وٺي سگهيا. اهي ٽئي شخصيتون هڪٻئي جي مڪمل تصوير هيون: حيدر بخش جتوئي پورهيت جي طاقت فراهم ڪئي. شيخ اياز ان کي روح (جذبو ۽ آواز) ڏنو. رشيد ڀٽي ان کي هٿيار (دليل، تاريخ ۽ فڪر) ڏنا. اسان ڪالهه رشيد ڀٽي جي 38هين ورسي ملهائي اصل ۾ اسان ان سڄي دور کي ياد ڪيو، جتي ادب ۽ سياست جا مقصد جدا نه هئا. رشيد ڀٽي جو ورثو اسان کي سيکاري ٿو ته هڪ اديب جو ڪم رڳو لکڻ ناهي، پر پنهنجي دؤر جي سياسي لهرن ۽ عظيم انسانن (جهڙوڪ اياز ۽ جتوئي) جي فڪر کي عام ماڻهوءَ تائين پهچائڻ آهي.