اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جي مخالفت ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو
رضا رباني آرمي ايڪٽ ۾ترميم جي منظوري کي “انڌي قانونسازي” قرار ڏنو، هن چيو ته اسان کي اها خبر ئي نه آهي ته منظور ڪرايل بلن ۾ ڇا موجود آهي، اهڙي تڪراري قانونسازي خلاف احتجاج طور ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪيان ٿو
رضا رباني چيو ته اڄ پارليامينٽ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، آرمي ايڪٽ واري ترميمي بل ۾ تجويز ڪيل اسان جي ترميمن کي نظرانداز ڪيو ويو، اوچتي ۽ انڌي قانونسازي بابت اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو