رضا زنگيجو جي ڀيڻ پاران عدالت ۾ درخواست داخل، ڌريون طلب
ڊسمبر 24, 2024
روھڙي (ن پ ا) روھڙي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل رضا زنگيجو جي ڀيڻ زينب زنگيجو پنهنجي وڪيل محمد فاروق جتوئي معرفت ڀاءُ جي قتل ۽ پنهنجي اغوا جي سکر ۽ روهڙي پوليس خلاف روھڙي سول ڪورٽ ۾ سڌي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست ۾ 11 پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن کي ڌر بڻايو ويو آهي، جن ۾ ڊي ايس پي مشتاق شاهه، ايس ايچ او ضياد نوناري، ايس ايچ او ثناءُ الله کونهارو، اياز کيڙو، عباس ملڪ، اجمل ڪٽپر عرف ججي، هيبت خان، واحد بخش، محمد پنجل، عرفان علي، صدام حسين ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ روھڙي تعلقي اسپتال جو ڊاڪٽر محمد وسيم کي به ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست گذار ڄاڻايو آهي ته 2 ڊسمبر تي ٽنڊو مستي خان وٽ ڪراچي کان سکر ايندڙ مسافر ڪوچ مان اهلڪارن رضا زنگيجو ۽ زينب زنگيجو کي اغوا ڪري رضا زنگيجو کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو، درخواست ۾ پوليس مقابلي جي داخل ايف آءِ آر ڪرائيم نمبر 141 کي چيلنج ڪندي پوليس مقابلو ڪوڙو ڄاڻايو ويو آهي، زينب زنگيجو جي وڪيل موجب عدالت اهڙي درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڪيس سکر سيشن ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ عدالت ڌرين کي 30 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.