رضوانه جي اکين ۾ رت ڄمي ويو، جج جي گهرواري پاڻ بچائڻ لاءِ عدالت پهچي وئي

آگسٽ 1, 2023

لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ جج جي گهرواري هٿان تشدد جو بڻيل نينگري رضوانه جي حالت اڃا تائين ڳڻتي جوڳي آهي، جج جي گهرواري پاڻ بچائڻ لاءِ عدالت پهچي وئي

نينگري رضوانه کي لاهور جي جنرل اسپتال ۾ آڪسيجن تي رکيو ويو آهي،  ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته رضوانا  لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن انتهائي اهم آهن

رضوانه جي علاج لاءِ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه جو چوڻ آهي ته رضوانه جي ڀڄي پيل ٻنهي ٻانهن تي پلاسٽر چاڙهيو ويو آهي، رضوانه جي چيلهه ۽ مٿي جا زخم ڀرجڻ لڳا آهن، رضوانه اکيون کولڻ شروع ڪيون آهن، هن جي اکين ۾ رت جمع ٿي ويو آهي

هوڏانهن پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف سان فون تي رابطو ڪري ٻارڙي رضوانه تي تشدد واري مامري جي آگاهي ڏني، محسن نقوي چيو ته رضوانه جي والدين انصاف جي اپيل ڪئي آهي

وزيراعظم شهباز شريف پاران متاثر ٻارڙي ۽ خاندان جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ۽ کين انصاف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

هوڏانهن ٻارڙي تي تشدد جي الزام هيٺ آيل سول جج جي گهرواري ضمانت لاءِ عدالت ۾ درخواست ڪئي آهي

Leave A Comment