| رضوان بعد بابر جي “عزت”: اسمٿ اوور جي آخري بال تي رنس نه ٺاهي |
سڊني (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ۾ سڊني سڪسرز جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستاني اسٽار بابراعظم، اوور جي آخري بال تي ساٿي بيٽر اسٽيـو سمٿ طرفان سنگل وٺڻ کان انڪار تي تپي باهه ٿي ويو. جمعي ڏينهن بگ بيش ليگ دوران بابراعظم ان وقت واضح طور ناراض نظر آيو، جڏهن سندس بيٽنگ پارٽنر اسٽيـو سمٿ سڊني ٿنڊر خلاف بيٽنگ دوران اوور جي آخري بال تي بابر جي کيڏيل شاٽ تي سنگل وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ته جيئن هو ايندڙ اوور ۾ پاڻ بال کيڏي. بابراعظم 11هين اوور ۾ لڳاتار 3 ڊاٽ بال کيڏي چڪو هو ۽ آخري بال تي سنگل وٺي ايندڙ اوور ۾ ٻيهر اسٽرائيڪ حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هو. اسٽيـو اسمٿ طرفان سنگل نه وٺڻ تي بابراعظم مايوسي جو اظهار ڪيو، ان کانپوءِ اڳيئن اوور ۾ سمٿ 4 ڇڪن ۽ چوڪي جي مدد سان 32 رنسون ٺاهي رن ريٽ جو وڌندڙ بار گهٽائي ڇڏيو. اسٽيـو سمٿ جارحاڻو انداز اختيار ڪندي 42 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي. جڏهن ته بابراعظم ان واقعي بعد پهرين بال کيڏندي 39 بالن تي 47 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. سڊني سڪسرز، سڊني ٿنڊرز طرفان مليل 190 رنسن جو هدف آساني سان 18هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.