رفال تباهه ٿيڻ جواعتراف: جنگ ۾ نقصان ٿيندو آهي تفصيل ٻڌايا ته دشمن کي فائدو ٿيندو: ڀارتي فوج
مَي 13, 2025
نئين دهلي(م ڊ) ڀارت پنهنجي 5 فوجين جي مارجڻ جو اعتراف ڪندي اڻ سڌي طرح رفال جھاز تباهه ٿيڻ جو به اعتراف ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ڀارتي ڊي جي ايم راجيو گھائي پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجا 5 فوجين جي مارجڻ جو اعتراف ڪيو. ڀارت جي هٿياربند فوجن جي آفيسرن ميڊيا بريفنگ ڏيندي رفال جھاز تباهه ٿيڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته لڙائي ۾ نقصان ٿيندا رهندا آهن. رفال جھاز تباهه ٿيڻ بابت هن وقت ڪجهه نٿو ڳالهائي سگهان، جيڪڏهن هينئر ڪجهه ڳالهايو ته دشمن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان سان جنگ ۾ اسان جا پنج فوجي جوان مارجي ويا، هن چيو ته ڀارتي فوج جو رفال جھاز پڻ ڪريو. هن ٻڌايو ته جنگبنديءَ جو فيصلو ڪالهه پاڪستاني ڊي جي ايم او سان فون تي رابطو ٿيڻ تي ٿيو هو. ڀرتي ڊي جي ايم او وڌيڪ چيو ته ڪجهه پاڪستاني جھاز ڪيرايا آهن پر اسان وٽ انهن جھازن جو ڪو ملبو ڪونهي. ان موقعي تي هن پاڪستان جي 9 ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي.