رفيعه سيد اسد الله شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ 15 جون تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم لالو رائنڪ مان ته انٽرميڊئيٽ نصيرآباد ڊگري ڪاليج مان 1999ع ۾ ڪيائين ۽ بي اي 2004ع ۾ گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ته ساڳئي ڪاليج معرفت ايم اي ۽ بي ايڊ ڪيائين. شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم فل ڊاڪٽر ذوالفقار علي شاهه انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج ۽ لٽريچر جي ڊائريڪٽر جي نگرانيءَ ۾ 2026ع ۾ مڪمل ڪئي اٿس، سندس تحقيق شاهه جي رسالي جي انگريزي ترجمن، پروفيسر امينا خميساڻي (1994ع) ۽ امڙ ايلسا قاضي (1965ع) جي تقابلي جائزي تي مبني آهي، تحقيق جو عنوان
“A critical Study of selected English Translations of Shah Jo Risalo”
ماسٽر آف فلاسافيءَ لاءِ خيرپور يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪيل هن لطيفي ڪم جي مقصديت اها آهي ته شاهه صاحب جي رسالي جي ڪيل انگريزي ترجمن جي اوک ڊوک ڪري نتيجو ظاهر ڪجي ته ڪهڙو ترجمو لطيف جي شاعريءَ جي اصل روح کي ويجهو شمار ڪري سگهجي ٿو. جيئن ته لطيف سرڪار جي رسالي جا اردو، عربي، سرائيڪي، پنجابي، گجراتي، ديوناگري ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن جنهن ۾ انگريزيءَ ۾ چونڊ بيت ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورليءَ پڻ ترجمو ڪيا آهن، انهيءَ کانپوءِ ٻين مترجمن جي رسالن ۾ پهريون رسالو سانئڻ ايلسا قاضيءَ جو 252 صفحن تي 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو ۽ پوءِ اهو رسالو 1981ع ۽ 1996ع ۾ پڻ ڇپيو آهي، هن رسالي ۾ 29 سُر شامل آهن، ان کانپوءِ آغا محمد يعقوب جي انگريزي ترجمي جا 3 واليوم باالترتيب، پهريون واليوم 533 صفحا، ٻيو واليوم 534 کان 1155 تائين ۽ ٽيون 1156 کان 1809 تائين ٽيئي جلد 1985ع ۾ ڇپيا ٽن جلدن تي آڌاريل هيءُ سالو انگريزي گنج رسالو آهي، پهريان ٽي جلد شاهه ڀٽائيءَ ڪلچرل سينٽر حيدرآباد ۽ پوءِ گڏيل جلد 2004ع ۽ 2016ع ۾ ثقافت کاتي شايع ڪيا آهن.
1994ع ۾ پروفيسر امينا خميساڻيءَ جو 30 سُرن تي مشتمل انگريزي بيتن جي ترجمي سان 296 صفحن جو رسالو ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر ڪميٽي ڀٽ شاهه پهريون ڇاپو شايع ڪيو، آغا سليم، “ميلو ڊيز آف شاهه عبدالطيف ڀٽائي” عنوان سان 4 واليوم انگريزي ۽ اردوءَ ۾ شاهه جي رسالي جا ترجمو ڪيا جي 315 صفحا 2006ع، 475 صفحا 2007ع، 695 صفحا 2008ع ۽ 456 صفحا 2009ع ۾ ثقافت کاتي پاران شايع ٿيا، هنن سڀني جُلدن ۾ انگريزي ترجمو امينا خميساڻي صاحبه جو ۽ اردو منظوم ترجمو آغا سليم جي ڪيل ترجمي مان ڏنل آهي.
انگريزيءَ ۾ هڪ ٻيو 285 صفحن جو 2009ع ۾ ترتيب سان فيض محمد کوسي جو آهي، جو به ڪلچر کاتي شايع ڪيو، سيد مشتاق علي شاهه جو ڪيل منظوم ترجمو 729 صفحن تي 2012ع ۾ روشني پبليڪيشن شايع ڪيو آهي.
هارورڊ يونيورسٽيءَ مان 704 صفحن تي 2018ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عاشق ڊاڪٽر ڪرسٽوفر شيڪل جو انگريزيءَ ۾ منظوم رسالو ڇپيو. ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ جو 656 صفحن تي منظوم انگريزي ترجمو مُرڪ پبليڪيشن 2018ع ۾ شايع ڪيو، وري وڌيڪ واڌارن سان ڊاڪٽر علي اڪبر 844 صفحن تي پيڪاڪ پبلشرز ڪراچيءَ مان 2020ع ۾ شايع ڪرايو هن رسالي ۾ سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي ۾ بيت ڏنل آهن.رفيعه بخاري انگريزي ادب جي پاڙهو ۽ انگريزيءَ جي ئي شاعره آهي، سندس شاعريءَ جي ڪتابن ۾ (2021ع) “The Pain full Payment” ۽ “A Flight of Broken Wings” (2023) آهن ته هُن محمد علي پٺاڻ صاحب جي مختصر ڪهاڻين کي “Reflection” عنوان سان ترجمو ڪيو آهي. فاطمه ڀٽو کان پوءِ لاڙڪاڻي جي هيءَ ٻي انگريزي شاعرا/ليکڪا طور مشهور آهي.
رفيعه جو تحقيقي ڪم تصوف جي شاعريءَ جي ترجمي بابت آهي، جنهن ۾ هُن نه فقط ترجمانگاريءَ کي اصل سان ڀيٽيو آهي پر گڏوگڏ صوفي فڪر جي علامتن ۽ معنائن کي پڻ ويجهي کان ڏسي نتيجا ڪڍيا آهن.
سندس مقالي 175 صفحن ۽ پنجن بابن تي مشتمل ۾ هُن هر سُر مان ترجمي جي مثال لاءِ ٽي ٽي/چار چار بيت ڏيئي انهن تي تنقيد ڪندي رفيعه پنهنجو موقف ڏنو آهي آخر ۾ رائج طريقي مطابق نتيجو ۽ ببليوگرافي شامل آهي (هيءُ اڻ ڇپيل مقالو آهي جنهن جو جائزو سندن جي موڪليل پي ڊي ايف مان ورتو اٿم)
پهريون باب تحقيق جي مقصديت لطيف سرڪار جي سوانح ۽ رسالي جي سُرن جي معلومات تي مبني آهي، ٻيو باب ادبي جائزو ۾ شاهه لطيف جي ڇاپي رسالن جي ڪم جي ڄاڻ موجود آهي ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ابراهيم قاضي، تاراچند شوقيرام، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه قاسمي، شاهواڻي غلام محمد، آڏواڻي ڪلياڻ، قاضي ايلسا، ڊاڪٽر بلوچ، ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ذڪر آهي (هن باب ۾ محترمه رفيعه ڊاڪٽر دائود پوٽي جي 1952ع ۾ ڀٽ شاهه تي رهي نسخن ڀيئڻ جي ڪم کي شمار ڪيو آهي پر منهنجي خيال ۾ انهيءَ بابت ڪو به مڪمل ڪتاب ڪونهي اهو ذڪر ڊاڪٽر دائود پوٽي جي وفات کانپوءِ سندن ونيءَ خديجه دائود پوٽي جي سهيڙيل ڪتاب “مضمون ۽ مقالا“ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي مضمونن معرفت ملي ٿو پر ڪو مڪمل ڪتاب سامهون موجود ڪونهي)
ان کانسواءِ هن باب ۾ چند رسالا ۽ چند ڪتاب ڄاڻايل آهن جڏهن ته لطيف سائينءَ جي ڪلام جي 71 قلمي نسخن، 64 ڇاپي رسالن ۽ 1000 کان مٿي ڇپيل ڪتابن ۽ پي ايڇ ڊي ٿيسز ٻي گهڻي ڪم کي هڪ هنڌ نٿو آڻي سگهجي، ان ڪري هن چونڊ رسالن ۽ ڪتابن بابت لکيو آهي، اهم ترجمن ۾ ايڇ ٽي سورلي، انصاري، الانا، الستي عبدالغفور، ايلسا قاضي، امينا خميساڻي، آغا يعقوب، بروهي، اياز، آغا سليم، نياز همايوني، شئڪل، علي اڪبر ڍڪڻ ۽ ٻين جي اردو، انگريزي، براهوي، فارسي، عربي، ترجمن جو مختصر احوال موجود آهي، گڏ هن باب ۾ ادبي ترجما نگاريءَ تي روشني پڻ وڌي آهي ۽ دنيا جي مشهور شاعرن جلال الدين رومي، ٽئگور، عمر خيام، علامه اقبال ۽ ٻين جي ادبي فن پارن جي ترجمن بابت لکيو آهي، ٽيون باب ريسرچ، جو طريقيڪار آهي، چوٿين ۽ سڄيءَ تحقيق جي نچوڙ جي آخري باب ۾ رفيعه صاحبه سر ڪلياڻ کان بلاول تائين هر سُر مان پروفيسر امينا ۽ امڙ ايلسا جي ساڳين بيتن جا مثال ڏيئي سندن ڪيل ترجمن تي بحث ڪيو آهي، جيئن مثال طور سر ڪلياڻ جو هيٺيون بيت:
پڙاڏو سوئي سڏ، وَروائيءَ جو جي لهين،
هُئا اڳهين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا،
Kazi:
The Echo and the call are same,
If you Sound’s secret knew,
They both were one, but two became,
Only when ‘hearing’ came (P-32)
Khamisani:
Echo and sound one and the same,
Language’s twist and turn understand,
Both were one, hearing has much difference made.(P-38)
سچي مقالي ۾ هن ريت ٻنهي ترجما نويسڪائن جي ڪم مان مثالن ۽ ڪيل بحث مطابق محققا جيڪو نتيجو ڪڍيو آهي، ان مطابق پروفيسر امينا جو ڪيل ترجمو ادبي ۽ لفظي طور ڀٽائيءَ جي لغت کي ويجهو آهي جو شاعريءَ جي اصليت کي برقرار پن رکي پيو، ۽ هُن رسالي جي هر سنڌي لفظ کي سهڻائيءَ سان انگريزيءَ ۾ آندو آهي، جيڪو ادبي طور سادو چٽو، اثرائتو ۽ هر هڪ انگريزي سمجهندڙ جي لاءِ آسان فهم آهي، جيتوڻيڪ ڪيترن هنڌن تي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي اونهي فلسفي کي اهو ترجمو ظاهر نه به پيو ڪري ته پڻ هي ترجمو ٻوليءَ جي حوالي سان عام فهم آهي، جا هن ته امڙ ايلسا قاضيءَ جو ڪيل انگريزي ترجمو فلاسافيڪل ۽ تخليقي آهي جو شاعريءَ جي فهم جو ادراڪ ڏي ٿو پيو.
جيئن ته سنڌ مان رفيعه بخاري پاڻ انگريزيءَ جي ناليواري شاعره آهي، ته کيس سنڌيءَ مان انگريزي ترجمن ڪرڻ تي پڻ گرفت آهي، انهيءَ حوالي سان هُن سنڌ جي سرواڻ شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي انگريزي ترجمن تي خوش اسلوبي سان ڪم ڪيو آهي، جنهن جو دائرو سندس موجب کيس وڌائڻو آهي، انشاء الله اڳتي هلي ٻين انگريزي منظوم لطيفي ترجمن تي سندس تحقيقي ڪم پڙهندڙن اڳيان ايندو.