موهن جو دڙو/باڊهه(نمائندن وٽان) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پاڪستان جي مشھور عالمي شهريت رکندڙ ڪلاسيڪل ڊانسر شيما ڪرماني تاريخي ماڳ جو دورو ڪيو
هن اسٽوپا،گريٽ باٿ،ڊي ڪي ايريا سميت ميوزيم جو پڻ دورو ڪيو،مشھور ڊانسر کي موهن جو دڙو تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني
ان موقعي ڊانسر شيما ڪرماني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي عرصي بعد مان موهن جو دڙو جو دورو ڪيو آھي، هن چيو ته مان گهڻي عرصي کان موهن جو دڙو جي تاريخ بابت ڪم ڪري رهي آهيان. هن چيو ته 1992ع ۾ مون هڪ اسٽيج ڊانس ڊرامو پيش ڪيو هو
جنهن جو نالو مون “سانگ آف موهن جو دڙو” رکيو هو، اهو نالو مون ان ڪري رکيو ته جڏهن مان ڊانس ڪندي هيس ته ماڻهو چوندا هئا توهان جي رقص جو هن ڌرتي سان ڪو تعلق ناهي، ان ڊرامي ۾ مون ڏيکاريو ته هن رقص جو تعلق سنڌ جي ان ڌرتيءَ سان آهي
جيڪا هزارين سال پراڻي تاريخ رکي ٿي، جنهن ۾ سُر ۽ سچ تي سر ڏيڻ جون روايتون موجود آهن