رمشا خان سان شادي ناهي ڪئي: خوشحال جي وضاحت 

رمشا خان سان شادي ناهي ڪئي: خوشحال جي وضاحت 

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اداڪار جوڙي رمشا خان ۽ خوشحال خان جي ڳجهي شادي جي افواهن کانپوءِ خوشحال خان خاموشي ٽوڙي  سچائي واضح ڪري ڇڏي. خوشحال خان واضح ڪيو ته شادي واري خبر جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. هن انسٽاگرام تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪلائوٽ چيزنگ ختم ٿي وئي،  هاڻي ڪم تي واپس اچو.  ياد رهي ته سوشل ميڊيا جي هڪ پليٽ فارم دعويٰ ڪئي هئي ته شوبز جي اي لسٽ 2 اداڪارن ڳجهي شادي ڪئي آهي. ڄاڻايل خبرن ۾ ڪنهن به فنڪار جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو هو،  مختلف سوشل ميڊيا پيجز ۽ صارفين انهي کي خبر کي رمشا خان ۽ خوشحال خان جي شادي سمجهڻ شروع ڪيو ويو