رمضان قتل ڪيس: پوليس پاران ايس ايچ او بچائڻ جي ڪوشش، بي ڏوهي قرار، عدالت طرفان رپورٽ رد

رمضان قتل ڪيس: پوليس پاران ايس ايچ او بچائڻ جي ڪوشش، بي ڏوهي قرار، عدالت طرفان رپورٽ رد

مٺي/ڏيپلو (رپورٽ: ممتاز نهڙيو ۽ نريش موراڻي) ڏيپلو ويجهو پوليس هٿان مبينا طور  مارجي ويل رمضان کوسو قتل ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ايس ايچ او حسين بخش راڄڙ کي پوليس جي گڏيل جاچ ٽيم  جاچ دوران بي ڏوهي قرار ڏيئي کيس آزاد ڪرڻ جي اجازت لاءِ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي۔ عدالت جوابدار کي بيڏوهي قرار ڏيئي آزاد ڪرڻ واري پوليس جي استدعا رد ڪندي کيس 10 ڏينهن جي جوڊيشنل رمانڊ تي 23 ڊسمبر تائين جيل اماڻي ڇڏيو۔  مقتول جي وارثن پاران  پوليس جاچ ڪميٽي تي جوابدار کي بچائڻ جا الزام ۽ بي اعتمادي ظاهر۔  خبر موجب  رمضان کوسو قتل ۾ گرفتار اڳوڻي ايس ايچ او حسين بخش راڄڙ ۽ ٻين جو رمانڊ ختم ٿيڻ بعد ڪيس جي  ٻڌڻي  سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏيپلو جي عدالت ۾ ٿي جتي پوليس جي جوڙيل جاچ ڪميٽي  پاران حسين بخش راڄڙ کي آجو قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي  کيس  497 سي آر پي سي جي قانوني اختيار تحت  آزاد ڪرڻ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته جاچ ڪميٽي کي گرفتار ايس ايچ او کان قتل واقعي بابت ڪوبه ثبوت ملي نه سگهيو آھي ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن توڙي سرزمين ۽ شاهدن جي بيانن موجب ڪيس ۾ نامزد ايس ايچ او  واقعي واري هنڌ موجود نه هو ۽ هو واقعي وقت مقامي ايم پي اي جي اسڪواڊ ۾ هو جنهن جا ڪيترائي شاهد موجود آھن انڪري جاچ ڪميٽي جوابدار ايس ايچ او کي قتل ڪيس ۾ بيڏوهي قرار ڏيئي کيس آزاد ڪرڻ چاهي ٿي  ان جي اجازت لاءِ عدالت سڳوري کي استدعا ڪجي ٿي۔ اهڙي رپورٽ بعد  فريادي ڌر جي وڪيل جهلم سنگهھ راجپوت  ۽ جوابدار ايس ايچ او جي وڪيل وسند ٿري وچ ۾ بحث مباحثو ٿيو ۽ وڪيلن جي دليلن بعد عدالت پوليس جي استدعا رد ڪري ڇڏي ۽ جوابدار کي جوڊيشل ڪسٽڊي ڪري  10 ڏينهن جي جوڊيشنل رمانڊ تي 23 ڊسمبر تائين جيل اماڻي ڇڏيو . رمضان کوسو جي قتل ڪيس جي جاچ ٽيم ۾ ڊي ايس پي ڇاڇرو لطف علي لغاري، ايس ايچ او مٺي قادر بخش بهراڻي، ايس ايچ او ڏيپلو امين جوڻيجو  شامل آهن
 

پوليس جو پٽي ڀائي کي پروٽوڪول، نامزد جوابدار موبائل ۾ اڳيان ويٺل

مٺي: رمضان کوسو قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو ايس ايچ او ڏيپلو حسين بخش راڄڙ کي عدالت سڳوري پاران جوڊيشل ڪسٽڊي ڪرڻ بعد پوليس  پنهنجي پٽي ڀائي کي موبائل جي اڳئين سيٽ ۾ ويهاري ميرپورخاص جيل اماڻي ڇڏيو آهي، جڏھن ته باقي ٻين جوابدارن کي به جيل موڪليو ويو،  هوڏانهن رمضان کوسو قتل ڪيس جي فريادي عبدالسلام کوسو جي وڪيل جهلم سنگهھ راجپوت جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ جي آءِ ٽي حسين بخش راڄڙ جو جسماني ريمانڊ ورتو هو ته گاڏي جيڪا استعمال ٿيل آهي اها رڪور نه ٿي آهي پر پوليس اها گاڏي رڪور ڪرڻ بدران پوليس 497 جي ڪاروائي ڪندي حسين بخش راڄڙ کي شاهدن جي بنيادن تي ضمانت ڪئي پر اسان جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت جيل ڪسٽڊي ڪندي سمورن جوابدارن کي جيل حوالي ڪيو آهي جنهن کي ٻيهر 23 ڊسمبر تي پيش ڪيو ويندو، هن چيو ته جي آءِ ٽي تي فريادي ڌر کي عدم اعتماد آهي وڌيڪ جاچ جاري آهي ان کي ڏسون ٿا. ته ڇا ٿو ٿئي
 

اڳوڻي ايس ايچ او کي قتل ڪيس مان بچائڻ جي ڪوشش، 2 جوابدار اڃا گرفتار نه ٿيا
 

مٺي:  ذريعن موجب پوليس هيستائين صرف اڳوڻي ايس ايچ او ڏيپلو حسين بخش راڄڙ کي مختلف حربا هلائي بچائڻ ۾ مصروف آهي، رمضان کوسو قتل ڪيس ۾ وارثن پاران نامزد ڪيل پوليس اهلڪار شوڪت راهمون ۽ ڊرائيور لال محمد بجير کي جاچ ڪميٽي گرفتار ڪري نه سگهي آهي ۽ نه ئي وري استعمال ٿيل ڪار  پوليس هٿ ڪري سگهي آھي جيڪا ڪار گرفتار اڳوڻي ايس ايچ او جي ذاتي ڪار ٻڌائي وڃي ٿي
 

اڳ ئي  چيو هو ته پوليس پٽي ڀائين کي بچائڻ چاهي ٿي، وارث عدالتي فيصلي تي خوش
 

مٺي: پر فريادي عبدالسلام کوسو پاران ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسان ته اڳ ئي چيو هو ته جاچ ڪميٽي تي اعتماد ناهي ۽ پوليس ڪيس ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي اسان ٻيهر عدالت کي درخواست ڏينداسين ته ايماندار آفيسرن تي جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي.