| رهبر ڪميٽي جو گرفتارين خلاف اڱاري تي سنڌ ۾ مظاهرن جو اعلان |
سن: سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 122 ھين سالگرھ جي موقعي تي رھبر ڪميٽي جو گڏيل جلسو جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو جسقم آريسر نواز خان زنئور جسقم ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي طرفان گڏيل جلسو ڪيو ويو سائين جي ايم سيد جي مزار جي پرادي کان ھنن پريس ريلز جاري ڪندي چيو ته سنڌ جي ھن عظيم ليڊر جي سالگرھ جي ڏھاڙي تي ڪارڪن جيڪي سخت ڇاپن رستا روڪن چڙھائين ۽ ھر قسم جي جبر کي منھن ڏئي ھتي پھتا آھن انھن کي جس ٿو ڏيان ، اوھان کي سيد جو جنم ڏڻ مبارڪ ھجي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي موقعي تي ٿيل رياستي ڏاڍ سن جي گھيراء ڪارڪنن جون گرفتاريون رستن تي رڪاوٽون وجھڻ ۽ گھرن تي ڇاپا ھڻڻ خلاف جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي طرفان 20 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا ساٿيو اسان جي قومي رھبر سائين جي ايم سيد چيو ھو تـ سياست جي ذريعي قوم وطن ۽ انسان ذات جي خدمت ممڪن آھي پر پنجابين جو ھي تاريخي الميو آھي تـ پاڪستان تي ھنن جو غير قانوني قبضو آھي، ڳواڻن وڌيڪ چيو ته تاريخي حيثيت جي بحالي وجود جي حفاظت ۽ قومي بقا جي سلامتي لاء پنھجون صفون مضبوط ڪنداسين ھن موقعي تي سن جي گھيراء قومي قافلن آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪرڻ گرفتارين ۽ ڇاپن خلاف 20 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرن جو اعلان ٿا ڪريون