| رهبر ڪميٽي طرفان مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرن جو اعلان |
خيرپور (رپورٽر) جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت هيٺ حيدر منزل خيرپور ۾ ٿيو، اجلاس ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي ۽ جسقم شهيد بشير خان جي مرڪزي اڳواڻ اڪبر مڪول شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو تجزيو ڪندي چيو ويو ته اسان جي دولت ۽ قدرتي پيداواري وسيلن جي سخت ڦرلٽ ٿي رهي آهي، وسيلن جي ڦرلٽ سبب غربت ۾ واڌ اچي وئي آهي، هنن چيو ته عوام کي دٻايو پيو وڃي ۽ سياسي آواز کي گُهٽيو پيو وڃي پر جبر غلامي ۽ ڦرلٽ جو هي نظام هلي نه سگهندو. اجلاس ۾ چيو ويو ته جنگ جي بهاني سان حڪمران عوام تي مهانگائي جو بار وجهي رهيا آهن، تيل موجود هجڻ باوجود پيٽرول جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سٽيزن ايڪٽ وسيلي سنڌين کي سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي تنهنڪري سٽيزن ايڪٽ کي ختم ڪري ٻاهرين صوبن جي ماڻهن تي سنڌ ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ تي پابندي مڙهي وڃي، غير سنڌين کان سنڌ ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق پڻ واپس ورتو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽرول جي وڌايل قيمتن زرعي معيشت جي تباهي خلاف ۽ سنڌين کي آفت زده قرار ڏيارڻ لاءِ رهبر ڪاميٽي پاران 5 اپريل تي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ورسي 25 اپريل تي سن ۾ ملهائي ويندي. رهبر ڪميٽي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ اي آءِ ايف سي گرين پاڪستان منصوبي پاڻي رٿائن زمينن جي والار ۽ مهانگائي خلاف مستقل طور آواز اٿاريو ويندو ۽ جدوجهد جاري رکي ويندي.