روايتي خواندگي کان ھٿرادو ذھانت واري خواندگي تائين…..سڪندر گلاب سومرو

                 خواندگي کي روايتي طور تي پڙهڻ ۽ لکڻ واري صلاحيت سان سلھاڙيو ويندو آھي ۽ ھڪ عام ماڻھو ھن صلاحيت کان محروم ھجڻ ناتي اڻپڙھيل تصور ڪيو ويندو آھي. پنجاھ واري ڏھاڪي کان اڳ خواندگي جو مفهوم گھڻو محدود هو ۽ ان کي صرف اکرن يا لفظن جي سڃاڻپ تائين سوڙھو ڪيو ويو ھو.  وقت بدليو، سماج ترقي ڪئي، ٽيڪنالاجي جو استعمال عام جام ٿيڻ لڳو ۽ جديد علمن قديم علمن جي جاءِ والاري ته خواندگي جو تصور وسيع ۽ بامعنيٰ ٿي اڄ ان مقام تي اچي پھتو آھي جت ھر جديد علم جي باري ۾ ڪجھ نہ ڄاڻ رکڻ ۽ ھر جديد شئي مان فائدو کڻڻ ھاڻي ھر ذي شعور سان گڏ ھڪ عام ماڻھو جي لاءِ به لازمي امر بڻجي ويو آھي. مطلب ھي ته ھاڻي خواندگي وارو مفھوم محدود کان لامحدود واري ذمري ۾ داخل ٿي ويو آھي. خواندگي ۾ ھاڻي سياسي، سماجي، ثقافتي، عددي، فني، ٽيڪنالاجيڪل، سوشل ميڊيا، ڊجيٽل ۽ اي آئي جھڙا پهلو به شامل ٿي ويا آھن. سوشل ميڊيا ۽ اي آئي جي ھن جدتي دور ۾ خواندگي صرف اکر ۽ لفظن کي سڃائڻ، ڪتاب پڙهڻ يا لکڻ تائين محدود ناهي رھي پر ھي معلومات کي سمجهڻ، ان کي پرکڻ ۽ موثر استعمال ڪرڻ واري قابليت کان وٺي ھن کي مختلف حالتن ۾ لاڳو ڪرڻ واري صلاحيت به سمجھيو پيو وڃي. عالمي ادارن پاران خواندگي کي ھڪ اهڙي مهارت طور بيان ڪيو ويو آهي، جيڪا ھڪ فرد کي سماج ۾ متحرڪ ڪردار نڀائڻ ۽ مقصد کي حاصل ڪرڻ کان وٺي ھن کي پنهنجي علمي صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ به مدد ڏئي سگھي. اھوئي سبب آھي جو اڄ سوشل ميڊيا لٽريسي ۽ اي آئي لٽريسي جهڙا تصور به اهم بڻجي ويا آهن. پنھنجو مقصد جيئن ته اي آئي لٽريسي کي بيان ڪرڻ آھي سو اچو ته ھن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون ته اي آئي لٽريسي مان اسان جي ڇا مراد آھي؟ اي آئي لٽريسي جو مطلب ھن بابت ڄاڻ، سمجھ ۽ ذميوار استعمال جي صلاحيت کي حاصل ڪرڻ آهي. جيئن اڳ خواندگي ھڪ ماڻھو کي لفظن سان لاڳاپو پيدا ڪرڻ ۽ پنھنجو نالو لکڻ سيکاريو ھو، تيئن ھٿرادو ذھانت واري خواندگي انسان کي ذهين مشينن سان موثر نموني سان رابطو ڪرڻ سيکاري ٿي. ھٿرادو ذھانت واري خواندگي اسان کي ھي شعور ڏئي ٿي ته اي آئي  ڪيئن ڪم ڪري ٿي. ان جا فائدا ۽ نقصان ڪهڙا آهن ۽ ان جون حدون ڪهڙيون آهن. جيئن اڻ پڙهيل هجڻ اسان جي سماج لاءِ ھڪ مسئلو آهي ساڳي طرح سان اي آءِ بابت اڻڄاڻائي به جديد دور ۾ سماجي طور تي پوئتي رهجڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

تنهنڪري، موجوده دور ۾ خواندگي جو جديد تصور به ان وقت مڪمل ٿيندو، جڏهن ان ۾ ھٿرادو ذھانت واري خواندگي کي به شامل ڪيو ويندو. ڇوته، اي آئي لٽريسي ئي ھڪ فرد کي مستقبل جي للڪارن جي لاءِ تيار ڪري سگهي ٿي ۽ اي آئي ئي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدگار به بڻجي سگھي ٿي. سڀ ڀلي ڀت ڄاڻو ٿا ته اڄ جو دور سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي. اڄ ھٿرادو ذهانت انساني زندگيءَ جي تقريبن هر شعبي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. تعليم، صحت، واپار، ميڊيا، زراعت ۽ حڪمراني جهڙا شعبا به ھن کانسواءِ اڌورا ٿا لڳن. اهڙي صورتحال ۾ ھٿرادو ذھانت واري خواندگي بابت ڄاڻ، سمجھ ۽ ذميوار استعمال جي صلاحيت انتهائي اهم بڻجي چڪي آهي. ھٿرادو ذھانت صرف ٽيڪنالاجي يا ان سان لاڳاپيل ساز و سامان کي استعمال ڪرڻ جو نالو ناهي، پر ان کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ شعوري نموني سان استعمال ڪرڻ جو نالو پڻ آهي. زندگي جي ھر شعبي ۾ ھٿرادو ذھانت واري خواندگي جي اهميت تمام گهڻي آهي. ھٿرادو ذھانت تي ٻڌل اوزار هر فرد جي قابليت، رفتار ۽ ضرورت مطابق سکيا جو مواد مهيا ڪري سگهن ٿا. ان سان نه رڳو ھو جديد شين مان آرام سان فائدو کڻي سگھي ٿو پر پنھنجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي قابل به بڻجي سگھي ٿو. اي آئي لٽريسي جي مدد سان اسان جا عام ماڻھو جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿي سگهن ٿا. ائين ڪرڻ سان وقت بچي ٿو ۽ اھي اضافي وقت کي ٻين فائديمند شين تي خرچ ڪري سگهن ٿا. اهڙيءَ ريت عام ماڻھو ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي وچ ۾ هڪ مضبوط ۽ بامقصد ڀائيواري پيدا ٿئي ٿي. تنهن هوندي به، ھٿرادو ذھانت واري خواندگي صرف فائدا سکڻ تائين محدود نہ هجڻ گهرجي. ان ۾ اخلاقي پهلو، ڊيٽا جي رازداري، تعصب ۽ ذميوار استعمال جهڙا موضوع به شامل هجڻ گهرجن. ماڻھن کي اهو به سمجهائڻ ضروري آهي ته ھٿرادو ذھانت هر وقت صحيح ناهي ۽ انساني عقل، قدر ۽ فيصلي جي اهميت سدائين برقرار رھڻ گھرجي. ھٿرادو ذھانت واري خواندگي انسان کي ھٿرادو ذھانت جو غلام نه، پر باشعور استعمال ڪندڙ بڻائڻ سيکاري ٿي. ھٿرادو ذھانت واري خواندگي جديد دور جي هڪ بنيادي ضرورت آهي. اها نه صرف اسان کي سھل ۽ جديد شين کي اسان لاءِ آسان بڻائي ٿي، پر مستقبل کي به محفوظ بڻائي ٿي. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جون زندگيون ھن جديد دور ۾ گھٽ الجھنن ۽ مسئلن جو شڪار ٿين ته اسان کي اڳتي وڌي اي آئي لٽريسي ۾ داخل ٿيڻو پوندو. ساڳي طرح سان حڪومت وقت کي به مشورو ٿو ڏجي ته اھا به ھٿرادو ذھانت واري خواندگي جي اھميت کي نظر ۾ رکندي ھن کي تربيت ۽ تدريسي نصاب جي عمل جو اهم حصو بڻائڻ لاءِ اڳتي اچي.

باشعور ۽ ذميوار ھٿرادو ذھانت جي استعمال سان ئي اسان هڪ اسريل، انصاف پسند ۽ علم دوست سماج قائم ڪري سگهون ٿا. ياد رکڻ گھرجي ته ھاڻي روايتي خواندگي وارو دور پنھنجي پڄاڻي تي پھچي چڪو آھي. اسان جو اڄ جو انسان جتي سوشل ميڊيا جي بي رحم وڪڙ ۾ اچي چڪو آھي اتي ھٿرادو ذھانت واري خواندگي جي اهميت وڌي وڃي ٿي. اي آئي لٽريسي جديد دور جي فڪري ضرورتن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي. نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته خواندگي هاڻي صرف پڙهڻ، لکڻ يا لفظن جي سڃاڻپ تائين محدود نہ رهي آهي، پر اها شعور، سمجھ، تنقيدي سوچ ۽ ڄاڻ جي ذميوار استعمال سان ڳنڍجي چڪي آهي. اڄ جو انسان جيڪڏهن جديد ٽيڪنالاجي، خاص طور تي ھٿرادو ذھانت، بابت ڄاڻ نٿو رکي ته هو سماجي، تعليمي ۽ معاشي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي سگهي ٿو. ھٿرادو ذھانت واري خواندگي فرد کي صرف نون اوزارن جي استعمال تائين محدود نٿي رکي، پر ان کي ھي به سيکاري ٿي ته اي آئي ڪيئن ڪم ڪري ٿي، ان جا فائدا ۽ نقصان ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ ان جو استعمال ذميواريءَ سان ٿيڻ گهرجي. اي آئي لٽريسي انسان کي مشينن جو غلام نه، پر باشعور، تنقيدي ۽ بااختيار استعمال ڪندڙ بڻائي ٿي. اهو شعور فرد کي غلط معلومات، تعصب، ڊيٽا جي غلط استعمال ۽ اخلاقي مسئلن کان بچڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. زندگي جي ھر شعبي کان وٺي ۽ حڪمراني جهڙن شعبن ۾ ھٿرادو ذھانت جي وڌندڙ استعمال اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اي آئي لٽريسي هاڻي هڪ اختيار نہ، پر هڪ ضرورت بڻجي چڪي آهي. جيڪڏهن معاشرو چاهي ٿو ته ان جا ماڻهو جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ رهن، ته پوءِ ھٿرادو ذھانت واري خواندگي کي بنيادي تعليم جو حصو بڻائڻ لازمي آهي. باشعور ۽ ذميوار ھٿرادو ذھانت جي استعمال سان ئي هڪ منصفاڻو، علم دوست ۽ اسريل سماج جوڙي سگهجي ٿو. حڪومت، تعليمي ادارن ۽ سماج جي ذميوار فردن تي فرض آهي ته هو اي آئي لٽريسي کي فروغ ڏين، جيئن ايندڙ نسل جديد چيلينجن کي سھي نموني سان نہ صرف سوچن ۽ سمجھن پر سھڻي نموني سان منھن به ڏيڻ جي قابل به بڻجن.