روايتي گاڏي يا گهوڙو نه؟ “ڪنوار بائيڪ” تي اچي وئي، ڄاڃي دنگ

روايتي گاڏي يا گهوڙو نه؟ “ڪنوار بائيڪ” تي اچي وئي، ڄاڃي دنگ

ڀوپال (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر ڀوپال ۾ هڪ ڪنوار پنهنجي شادي ۾ نئين انداز سان سڀني مهمانن کي حيران ڪري ڇڏيو. هن شادي ۾ روايتي گاڏي يا گھوڙي جي بدران هيوي بائيڪ تي سوار ٿي انٽري ڏني، جيڪا انسٽاگرام تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ ڪنوار ڳاڙهن ڪپڙن  ۾ پُراعتماد انداز ۾ بائيڪ هلائيندي شادي ۾ انٽري ڏئي رهي آهي، ان دوران شادي ۾ موجود مهمان تاڙيون وڄائي موبائل فونز سان منظر رڪارڊ ڪندي  نظر آيا. وڊيو جي ڪيپشن  ۾ “هاءِ بائيڪ واري ڪنوار” لکيو ويو، صرف ڪجهه ڏينهن ۾  ويڊيو کي 18 لک کان وڌيڪ ويوز ملي چڪا آهن. صارفين ڪنوار جي ان  منفرد  انٽري جي وڏي تعريف ڪري رهيا آهن. وڊيو ۾ ڪنوار بائيڪ تي بيٺي نظر اچي ٿي، جڏهن ته اها اسموگ ۾ بائيڪ هلائيندي نظر  اچي ٿي. شادي ۾ موجود رشتيدار ۽ مهمان خوش نظر اچي رهيا آهن،  انوکي انٽري سان ڪنوار پنهنجي شادي کي هڪ يادگار تجربو بڻايو هاڻي اهو نئون رجحان شروع ٿي سگهي ٿو.