روبي علي جو وڪيل خلاف ردعمل اچي ويو، ويڙهه جو اعلان

جُون 14, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ اسٽار ۽ اداڪارا روبي علي پنهنجي خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ٿيڻ تي ردعمل ڏنو آهي

روبي علي فيس بوڪ تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي سنڌ ڌرتي کي افغانستان بڻائيندڙن سان آئون پنهنجي حقيقي آزادي لاءِ وڙهنديس

هن چيو ته اسان کي پوئتي ڇو ٿو ڌڪيو وڃي؟ دنيا جي وڏن ملڪن ۾ پورن انڊسٽري به عروج آهي پر اسان کي هتي هڪ وڊيو ٺاهڻ جي به اجازت ناهي؟

روبي علي چيو ته جڏهن دنيا ۾ سڀني کي پنهنجي مرضي سان زندگي جيئڻ جي اجازت آهي ته پوءِ اسان کي اهڙي آزادي ڇو ناهي ڇو اسان کي پوري دنيا کان الڳ رکيو پيو وڃي

روبي علي چيو ته جيستائين مون ۾ ساهه آهي پنهنجي حقن لاءِ وڙهنديس، عدالت ۾ هنن کي جواب ڏيندس

Leave A Comment