Home » فحش وڊيو يا وڪيل جي ذاتي رنجش؟ روبي علي حقيقتون ٻڌائي ڇڏيون
فحش وڊيو يا وڪيل جي ذاتي رنجش؟ روبي علي حقيقتون ٻڌائي ڇڏيون
جُولاءِ 6, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) اداڪارا روبي علي پنهنجي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري حڪم تي ردعمل ڏنو آهي ۽ پنهنجي حياتي کي خطري جو به خدشو ظاهر ڪيو آهي
روبي علي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ايف آءِ آر رڳو مون تي ڇو؟ مان هن وقت دبئي ۾ موجود آهيان جتي خبر پئي ته مون مٿان ايف آءِ آر ڪرڻ جو حڪم ٿيو آهي
هن چيو ته سوشل ميڊيا تي اسان جي ماڊلنگ کان وڌيڪ وڊيوز سياستدانن جون به وائرل ٿي چڪيون آهن وڪيل کي اهڙي قسم جو گند ڪچرو پسند ناهي ته هو سڀني کي ڌر بڻائي ها، تنهن مان پتو پوي ها ته معاملو گڏيل آهي، پر هي اسان کي نشانو بڻائڻ ذاتي دشمني پاڙڻ آهي
روبي علي چيو ته اسان کي ڪافي سارا ٿريٽ آهن تنهنڪري حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ حاضري ڀرڻ دوران حياتي کي به خطرو هوندو ۽ ان جو سڄو ذميوار هي عالماڻي وڪيل ئي هوندو
اداڪارا چيو ته پاڪستان پهچي پنهنجي تحفظ لاءِ ڪراچي جي عدالت ۾ پٽيشن ڪرائينديس ۽ ان وڪيل کي ئي ڌر بڻائينديس ته اسان جي وڊيو کان اڳ جيڪي سياستدانن جون وڊيوز آيون اوهان انهن خلاف ڪهڙيون ڪارروايون ڪرايون؟
روبي علي چيو ته پاڪستان پهچي عدالت ۾ اها ئي پٽيشن ڪرائينديس ته هي سڄو معاملو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي ڇو ته ڪراچي ۾ ڪنهن هنڌ مختصر ملاقات دوران ساڻس دعا سلام نه ڪرڻ جي ڪري وڪيل ڪاوڙجي پيو هو ۽ اهو ذڪر به عدالتي پٽيشن ۾ تفصيل سان ڪيو ويندو جنهن ڪري وڪيل ذاتيات تي اچڻ ڪري رڳو اسان کي ئي ڌر بڻائي رهيو آهي
هن چيو ته اسان جو ڪم تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ان جو مالي نقصان پڻ پهتو آهي جنهن بابت به هرجاڻي جي درخواست ڪنديس