Home » روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻي ۾ عليحدگي ٿي وئي، روبي جو جاگيراڻي مٿان تشدد جو الزام
روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻي ۾ عليحدگي ٿي وئي، روبي جو جاگيراڻي مٿان تشدد جو الزام
جُون 9, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌي شوبز انڊسٽري جي مشهوري جوڙي روبي ۽ ارشاد جاگيراڻي ۾ عليحدگي ٿي وئي، روبي علي ارشاد مٿان تشدد جو به الزام هنيو آهي
شاعر، راڳي، اداڪار ۽ اينڪر ارشاد جاگيراڻي فيس بوڪ تي روبي علي جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ضرورت پئي ته وڌيڪ ڳالهيون لائيو اچي ڪندس، في الحال روبي علي جو هي وڊيو رڪارڊ تي رکي وڃي ته جيئن وقت سر ڪم اچي، اڄ کانپوءِ منهنجو روبي علي سان ڪنهن به قسم جو ڪو تعلق ناهي
وڊيو ۾ اداڪارا ۽ماڊل روبي علي چئي رهي آهي ته آئون ۽ ارشاد هڪٻئي جي مرضي سان ڌار ٿي رهيا آهيون، خاص طور آئون چوان ٿي ته مون کي هن سان گڏ ناهي رهڻو، آئون هن جي لائق ناهيان، منهنجي طبيعت ڪجهه مختلف آهي
روبي علي وڊيو ۾ چوي ٿي ته هڪ شخص جيڪو شادي شده آهي ان جي فيملي آهي، ٻار آهن، آئون ڪنهن جي زندگي متاثر ڪرڻ نٿي چاهيان، مون گهڻي دير سان فيصلو ڪيو آهي، منهنجي ذهني حالت به اهڙي ناهي ته جو آئون هن سان گڏ هلي سگهان
روبي علي چوي ٿي ته هاڻ ڪڏهن ارشاد جي زندگي ۾ نه اينديس، ارشاد کي به چوان ٿي ته هو به منهنجي زندگي ۾ نه اچي، واپسي جا سمورا دڳ بند ڪري ڇڏينديس
روبي علي پنهنجي فيس بوڪ آءِ ڊي تي پنهنجون مبينا تشدد واريون تصويرون شيئر ڪيون آهن، روبي علي لکيو ته جڏهن ڪيترائي ڏينهن مسلسل اوهان تي تشدد ڪيو وڃي ۽ پسٽل لوڊ ڪري اوهان کي چيو وڃي ته جيڪو چئي رهيو آهيان اهو چئو ته اوهان ڇا ڪندا؟
روبي علي لکيو ته آئون پنهنجا ذاتي مسئلا ڪڏهن به ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي ناهيان آڻيندي، پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ درنده صفت ماڻهن سان وڙهڻو پوندو آهي
هاڻي سرعام ويڙهه جو اعلان ڪريان ٿي، آئون چاهيان ٿي ته هاڻي سڄي دنيا کي پتو پوي ته ڪيئن ايترو وقت اندر ئي اندر گهٽجي مري رهي هيس
ارشاد جاگيراڻي روبي علي جي پوسٽن تي ردعمل ڏيندي وڊيو بيان جاري ڪيو آهي، وڊيو ۾ ارشاد جاگيراڻي چوي ٿو ته آئون شاعر آهيان، منهنجو تعلق قلم سان آهي پسٽل سان نه، روبي علي وڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي
روبي علي کي مخاطب ٿيندي ارشاد جاگيراڻي چيو ته تون ڪوڙ ڳالهائي همدرديون حاصل ٿي ڪرين مون سچ ڳالهايو ته وڏو طوفان اچي ويندو، مون صرف ايترو ٻڌايو هو ته روبي علي مون ڇڏي ڏنو آهي اسان الڳ آهيون۽ تون ڪوڙا مسئلا بيان ڪرڻ شروع ڪيا آهن