| روز 100 ڪلوميٽر ڊوڙ، 100 ڏينهن تائين ميراٿن |
شنگهائي (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ هڪ شخص الٽرا ميراٿن ۾ مسلسل 100 ڏينهن تائين روزانو 100 ڪلوميٽر ڊوڙي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب لانگ شائو جي نالي سان مشهور هوانگ زينگ لونگ 6 ڊسمبر 2025 ۽ 15 مارچ 2026 جي وچ ۾ چيني شهر فوشان ۾ ڪل 10,000 ڪلوميٽر ڊوڙيو. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هوانگ زينگ لونگ عالمي وبائي مرض ڪورونا دوران ڊوڙڻ جي تياري ڪئي ۽ پنهنجو ڪاروبار بند ڪري مڪمل طور تي ڊوڙ تي ڌيان ڏنو. ميڊيا رپورٽن موجب هوانگ زينگ لونگ سڄي چين ۾ 365 ڏينهن تائين ڊوڙڻ جي مشق ڪئي ۽ پوءِ هن چئلينج ۾ حصو ورتو. الٽرا ميراٿن رنر مسلسل 100 ڏينهن تائين روزانو 100 ڪلوميٽر ڊوڙي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان، هوانگ زينگ لونگ چيو ته گنيز ورلڊ ريڪارڊ جو اعزاز حاصل ڪرڻ وڏي خوشي جي ڳالهه آهي ڪيترائي ماڻهو هن چئلينج کي ناممڪن ۽ انساني صلاحيت کان ٻاهر سمجهندا هئا. سندس فٽنس برقرار رکڻ لاءِ هن سان گڏ هڪ غذائيت جو ماهر ۽ هڪ طبي ٽيم به گڏ هئي.