روسي صدر جي رهائش گاهه تي ڊرون حملو

روسي صدر جي رهائش گاهه تي ڊرون حملو

ماسڪو/ڪيف(م ڊ) روس يوڪرين تي صدر پيوٽن جي سرڪاري رهائش گاهه تي ڊرون حملو ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. يوڪريني صدر وولوديمير زيلنسڪي روس جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف دعويٰ ڪئي ته ڪيف روس جي اتر اولهه نووگوروڊ علائقي ۾ پيوٽن جي سرڪاري رهائشگاهه تي رات جو 91 ڊرونز سان حملو ڪيو. روس چيو ته هاڻي امن ڳالهين ۾ پنهنجي پوزيشن جو جائزو وٺنداسين. اهو اڃا تائين واضح ناهي ته پوتن مبينا حملي وقت ڪٿي هو. زيلنسڪي روسي دعويٰ کي “روايتي روسي ڪوڙ” قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيوهن چيو ته روس اڳ ۾ ڪيف ۾ سرڪاري عمارتن کي نشانو بڻايو هو. اهو تمام ضروري آهي ته دنيا هاڻي خاموش نه رهي. اسان روس کي مستقل امن حاصل ڪرڻ جي ڪم کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.