روسي صدر يورپي اڳواڻن کي “سوئر” قرار ڏئي ڇڏيو

روسي صدر يورپي اڳواڻن کي “سوئر” قرار ڏئي ڇڏيو

ماسڪو (م ڊ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن يورپي اڳواڻن کي “سوئر” قرار ڏئي ڇڏيو. روسي جرنيلن جي تقريب کي خطاب ڪندي پيوٽن چيو ته اهي يورپي سوئر ماضي جو پلاند وٺڻ لاءِ روس کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا پر روس خلاف سندن منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن، سڀني کي اميد هئي ته روس جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا پر ائين نه ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر ۽ ان جا سرپرست تجويز ڪيل آمريڪي امن منصوبي تي سنجيده نه ٿيا ته روس پنهنجي تاريخي سرزمين جي آزادي طاقت سان حاصل ڪندو.