| روسي ٽِڪ ٽاڪر سب وي جي ڏاڪڻن تان ڪري فوت |
تبليسي (ڪلچرل ڊيسڪ) روسي ٽِڪ ٽاڪر 27سالن جي ارينا گلازونووا جارجيا جي راڄڌاني تبليسي ۾ هڪ دوست سان وڊيو رڪارڊ ڪندي سب وي جي ڏاڪڻن تان ڪري حياتي وڃائي ويٺي. اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ارينا وڊيو شوٽنگ دوران مبينا طور تي ڦاسي پئي. هي دل ڏاريندڙ لمحو پڻ ڪيميرا ۾ قيد ٿي ويو.