| روس آمريڪي هدفن ۾ مدد ڪري رهيو آهي؟ (صحافي) ڪيتري ئي مدد ڪري پيو تفصيل ناهن: ايران |
تهران: ايران جي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته تهران ۽ ماسڪو جي وچ ۾ فوجي تعاون جاري آهي ۽ اهو نئون ناهي، اهو ڊگهي عرصي کان هلندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو حصو آهي. انٽرويو دوران جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ڇا ايران روس کان مدد حاصل ڪري رهيو آهي ته عباس عراقچيچيو ته ٻئي ملڪ سالن کان فوجي لاڳاپا برقرار رکيو اچن. اسان جي روس سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي اها ماضي ۾ رهي آهي ۽ اڃا تائين آهي ۽ مستقبل ۾ به جاري رهندي. جڏهن پڇيو ويو ته ڇا روس ايران کي آمريڪي هدفن کي ڳولڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي، ته وزير چيو ته هن وٽ تفصيلي فوجي معلومات نه آهي پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط آهن. جيستائين مون کي خبر آهي ته اسان جي روس سان تمام سٺي ڀائيواري آهي. اهي اسان جي ڪيترن ئي طرفن ۾ مدد ڪري رهيا آهن، پر مون وٽ ڪا تفصيلي معلومات ناهي.