روس ايراني يورينيم منتقلي جي آڇ ڪري ڇڏي

روس ايراني يورينيم منتقلي جي آڇ ڪري ڇڏي

ماسڪو (م ڊ) روس ايران جو رچايل يورينيم منتقل ڪرڻ ۾ مدد جي آڇ ڪئي آهي. روسي رياستي نيوڪليئر انرجي ڪارپوريشن روساٽم جي سربراهه اليڪسي ليخاچوف مطابق روس غور ڪري رهيو آهي ته ڇا هو ايران کان رچايل يورينيم جي منتقلي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ٽيڪنيڪل مسئلن کان علاوه آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اعتماد جو فقدان پڻ هن معاملي ۾ هڪ وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته روس کي هن سلسلي ۾ ايراني پاسي سان تعاون جو مثبت تجربو آهي. 2015 ۾ روس ايران جي درخواست تي يورينيم جي منتقلي ۾ مدد ڪئي هئي ۽ اسان اڃا تائين ان لاءِ تيار آهيون.